ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ ڳئون چوريءَ جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ مقامي حڪومت چورن کي سرعام گولي هڻڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪرناٽڪا رياست جي ضلعي اترا ڪنڙ ۾ آئي ڏينهن ڳئون چوري جا واقعا رپورٽ ٿي رهي آهن جنهن سبب ڀاڳيا سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، چوريءَ جي وڌندڙ واقعن جو مسئلو ايتري حد تائين سنگين ٿي ويو آهي جو رياستي وزير چور کي سرعام گولي هڻڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
مقامي وزير چيو ته ضلعي ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر ٿيا ته ڳئون چوري ڪندڙ جوابدارن کي وچ روڊ تي گولي هڻڻ جو حڪم ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته هو روز ڳئون جو کير پئيندا آهن، هي هڪ اهڙو جانور آهي جنهن سان هو پيار ۽ محبت ڪن ٿا، پوليس کي چئي ڇڏيو آهي چوري جي واقعن ۾ ڪير به ملوث هجي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
You might also like