لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حنا منور کي قومي مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين عورت مئنيجر مقرر ڪري تاريخ لکي ڇڏي.
پي سي بي چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ تاريخي قدم کڻندي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي لاءِ مقرر چيف سيڪيورٽي آفيسر حنا منور کي پاڪستان مينز ڪرڪيٽ ٽيم جي مئينجر مقرر ڪيو آهي.
حنا منور 19 فيبروري کان شروع ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي دوران آپريشنز مئنيجر طور خدمتون انجام ڏيندي، جڏهن ته هوءَ اٺ فيبروري کان شروع ٿيندڙ ٽه ملڪي ٽورنامينٽ دوران ٽيم جي نگراني پڻ ڪندي.
واضح رهي ته حنا منور جو تعلق پوليس گروپ سان آهي ۽ کيس ٻن ورهين لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
گذريل سال حنا منور کي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان وومينز انڊر 19 اسڪواڊ جو مئنيجر پڻ نامزد ڪيو ويو هو.
You might also like