ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز اندسٽريءَ جي سينيئر اداڪارا ناديه افگن بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ويجهڙ ۾ سينيئر اداڪارا هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ڪيريئر سان گڏوگڏ مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
پروگرام دوران ميزبان کائنس پڇيو ته جيڪڏهن اوهان کي ڀارت مان فلم جي آڇ ٿئي ته ڪم ڪندئو؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ” بلڪل ڪم ڪنديس، مان هڪ فنڪار آهيان، جيڪڏهن سٺي ڪردار جي آڇ ٿي ته مان ضرور ڪنديس، آرٽ لاءِ سرحدن جي ڪائي حد نه آهي.“
ڪهڙي بالي ووڊ اداڪارا سان ڪم ڪرڻ بابت سوال تي اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ شاهه رخ خان سان ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ان کانسواءِ ڀارت ۾ ٻيا به سٺا اداڪار آهن جيڪي بهترين ڪم ڪري رهيا آهن.
You might also like