ڪراچي ( رپورٽر) 4 سال اڳ سنگرار سکر مان اغوا ٿيل ستن سالن جي ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي لياقت جلباڻي، سهڻي پارس،آفاق ڀٽي ۽ ٻين ڪئي،هنن چيو ته پوليس پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي سنڌ جي گهرو وزير جي ڪيل ڳالهين تي عمل نه ٿيو. هنن چيو ته پريا ڪماري جي گهر ۾ 3 سالن کان غم واري صورتحال آهي جيڪڏهن پريا ڪماري بازياب نه ٿي ته فيبروري مهيني جي آخر ۾ هڪ وڏو احتجاج ڪيو ويندو.