ڄامشورو (ڊر) ڄامشورو ڀرسان گذريل ڏينهن شام جو گم ٿيل نينگري جو لاش گٽر مان هٿ آيو آهي، سيد آباد ڪالوني مان رڪشا ڊرائيور اڪرم لغاري جي ٽن ورهين جي نياڻي تانيا شام جو راند کيڏندي گم ٿي وئي هئي، ڳولا جي ٽن ڪلاڪن بعد سندس لاش گهر ڀرسان کليل گٽر مان هٿ آيو، معصوم ٻارڙي جو لاش لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نينگري تانيا جي والد پورهيت اڪرم لغاري جو چوڻ هو ته نياڻي شام 5 وڳي کان گم هئي، سندس لاش گٽر مان مليو آهي، پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، ڄامشورو پوليس موجب ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي رپورٽ ملڻ بعد ان جي فوت ٿيڻ جي ڪارڻ بابت ٻڌائي سگهبو.