يونيورسٽين بابت بل ۾ پروفيسرن جو رستو ناهي روڪيو: سردار شاهه

ڪراچي (  رپورٽر ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه، سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ يونيورسٽين جي ترميمي ايڪٽ جو دفاع ڪندي  چيو ته هن قانون ذريعي حڪومت پروفيسرن جو رستو ناھي روڪيو، بيوروڪريسي ۽ سول سوسائٽي ۾اهڙا قابل ماڻهو پڻ آهن جن جي ڪري يونيورسٽيون ترقي ڪري سگهن ٿيون. سنڌ اسيمبلي ۾ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  جيڪڏهن گريڊ 21 جي بيوروڪريٽ کي ڪنهن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويندو ته ان جي گهربل قابليت بعد ئي کيس مقرر ڪيو ويندو..تعليم واري وزير چيو ته نيوزي لينڊ جي ھڪڙي ڪاروباري شخص کي آڪسفورڊ ۾ وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آھي، هندستان ۾ سول سروس ۾ ترميم ڪئي وئي آھي ته جيئن صنعتي شعبي جي اھم ۽ قابل ماڻھن کي شامل ڪري سگھجي، وائيس چانسلر جو ڪم انتظامي معاملن کي سنڀالڻ آهي.

. هن چيو ته ترميم ٿيل قانون هڪ چٽا ڀيٽي وارو ڪلچر پيدا ڪندو، ڇا رڳو هڪ طبقي کي ئي موقعو ملڻ گهرجي؟ تعليم واري وزير چيو ته مخالف ڌر اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڪا به ترميم پيش نه ڪئي، انهن ترميم تي اتفاق ڪيو پر ايوان ۾ احتجاج کي جاري رکيو. هن پڇيوتھ جيڪڏهن ڪجهه سياستدان خراب آهن، ته ڇا سمورا خراب ليکيا ويندا؟  استاد اڳواڻن چيو ته ماضي ۾ بيوروڪريٽس وائيس چانسلر رهيا آهن، انهن جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.