چمبڙ جو روينيو ڊپارٽمنٽ ۽ عوام جون تڪليفون

تحرير: ثوبيا کوسو

حڪومتي کاتن ۾ جتي سڀ کاتا پنهنجي پنهنجي اهميت رکن ٿا اتي روينيو کاتي کي به وڏي اهميت آهي، روينيو قانون جيڪو گهڻي ڀاڱي انگريزن جي ٺهيل قانون تي هلي ٿو ان ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون آهن باقي گهڻي قدر پراڻو قانون ئي هلي رهيو آهي، اڄ آئون اوهان کي چمبڙ جي روينيو کاتي جي باري ۾ پنهنجي هن رپورٽر ڊائري ۾ ٻڌائينديس،

چمبڙ جو  روينيو کاتو جيڪو مڪمل طور خانگي ماڻهن حوالي ٿي چڪو آهي ۽ سموري آفيس جو ڪم پرائيويٽ ماڻهو ئي هلائي رهيا آهن، سيل سرٽيفڪيٽ کان ويندي ستين فارم تائين سڀ ڪجهه انهن جي ئي هٿن ۾ آهي ۽ اهو ته سڀ پڙهندڙ سمجهي سگهن ٿا ته اهي پرائيويٽ ماڻهو روينيو عملي ڪهڙي ڪم لاءِ رکيا آهن، هي اهو ساڳيو روينيو عملو آهي جنهن 2010 ۾ چمبڙ جي ديهه ٺل جي 586 ايڪڙن تي ٻڌل ڪيترن ئي آبادگارن جي زمين جون داخلائون بنا ڪنهن جواز ڄاڻائڻ جي رد ڪري ڇڏيون هيون ۽ آبادگار سنڌ هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان مسلسل 10 سال جدوجهد جي ميدان ۾ رهيا ۽ نيٺ 2022 ۾ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تحت انهن آبادگارن جون پراڻيون داخلائون بحال ڪري کين کاتا به ڪري ڏنا ويا.

چمبڙ جي آبادگار ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ ارباب رستماڻي ٻڌايو ته اسان آبادگارن جي 586 ايڪڙن جون داخلائون چمبڙ جي روينيو عملي رات پيٽ ۾ رد ڪري ڇڏيون ۽ اسان کي به نوٽس ڪڍيو ويو، اسين جڏهن اتي وياسين ته روينيو بورڊ جو سينئر ميمبر ۽ چمبڙ روينيو جو عملو ويٺل هو جنهن بنا اسان جا ڪاغذات ڏسڻ جي ۽ بنا اسان جو موقف ٻڌڻ جي صرف ايترو چيو ته اوهان جي زمينن جون داخلائون رد ٿي ويون آهن هاڻ 586 ايڪڙ زمين خالي ڪريو اسان جڏهن ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جو موقف ئي نه ٻڌو ويو ۽ ابتڙ اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، نيٺ مجبور ٿي اسان چمبڙ جي روينيو عملي طرفان زمين جون داخلائون رد ڪرڻ خلاف ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ۽ احتجاجي تحريڪ به شروع ڪئي انهيءَ وچ ۾ روينيو عملي ظلم جي انتها ته اها ڪئي جو اسان جي زمينن جا کاتا هڪ سرمائيدار جي نالي ڪري ڇڏيا ۽ سمورو رڪارڊ به ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ڇڏيو، اسان مسلسل ڪورٽ ۾ ڪيس جي پيروي ڪندا رهياسين ۽ گڏوگڏ چمبڙ جي روينيو عملي جي ظلمن ۽ رشوت عيوض داخلائون رد ڪرڻ جي انڪوائري جي مطالبي سان روڊن تي احتجاج ڪندا رهياسين نيٺ اسان جي حق ۾ فيصلو آيو ۽ هاءِ ڪورٽ روينيو عملي چمبڙ جون سڀ رپورٽون ۽ ڪوڙا ٺاهيل کاتا رد ڪيا ، صرف اهو نه پر تازو ئي ڪامريڊ محبوب لنڊ خاندان جي زمين جي کاتن ۾ به هيرڦار ڪئي وئي آهي،جنهن جي خلاف ڪامريڊ محبوب لنڊ ڪيترائي احتجاج به ڪيا آهن ۽ انهن احتجاجن ۾ سندس موقف آهي ته منهنجي والد جي زمين آهي جنهن ۾ اسين  ڀائرون ۽ ڀينر سڀ ڀائيوار آهيون ۽ سڀني جو قانون موجب حصو آهي، چمبڙ روينيو عملي اسان سان اهو ظلم ڪيو آهي جو جنهن کي خانداني زمين مان ٻه ايڪڙ حصو اچي ٿو انهيءَ کي پئسن عيوض چار ايڪڙ جو سيل سرٽفيڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهي ساڳئي چار ايڪڙ زمين جا ٻئي حصيدار کي به سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن ، پهرين ته اسان کي خبر نه هئي پر جڏهن مون روينيو عملي کي زمين جي پارٽيشن جي درخواست ڏني ته هو ٽال مٽول ڪرڻ لڳا نيٺ مجبور ٿي اسان ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ اتي روينيو عملي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي اها رپورٽ پڙهي اسان تمام گهڻا حيران ٿياسين ته جنهن کي زمين مان ٻه ايڪڙ حصو ملي رهيو آهي انهيءَ کي چار ايڪڙن جا سيل سرٽيفڪيٽ ڪيئن جاري ڪيا ويا آهن.

نيٺ ڪورٽ سڳوريءَ روينيو ڊپارٽمنٽ کي زمين جي پارٽيشن جو حڪم جاري ڪيو آهي پر روينيو جو عملو ايترو ته طاقتور آهي جو اڃان تائين ڪورٽ جي حڪم باوجود به اڃان تائين زمين جي پارٽيشن ناهي ٿي ، ڪيترائي دفعا چمبڙجي مختيارڪار آفيس جي سامهون احتجاجي ڌرڻا هنيا آهن پر روينيو عملي جي ڪنن تي جون تائين نٿي چري، اهي صرف ارباب رستماڻي ۽ محبوب لنڊ جي مٿان چمبڙ جي روينيو عملي جي ڪيل ظلمن جو داستان هو پر اهڙا ڪيترائي آبادگار آهن جن جي زمينن جا کاتا پئسن عيوض بدلي ڪيا ويا آهن، ۽ هو اڃان تائين احتجاج ڪندي نظر ايندا آهن، هاڻي صورتحال اها آهي جو عملي طرفان ڪم ڪار لاءِ به پرائيويٽ ڪوٽار رکيا ويا آهن جن جو ڪم ئي مختلف ڪمن ڪارن لاءِ ايندڙ پرائيويٽ ماڻهن کي ڦرڻ آهي، ۽ اهي پرائيويٽ ماڻهن تي تپيدار ۽ مختيارڪار ايترو ته مهربان آهي جو تازو ئي رام نگر بستي ۾ باهه متاثرن لاءِ آيل سامان جيڪو ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار ڏنو هو اهو چمبڙجي روينيو عملي پرائيويٽ ماڻهن کي ڏيئي ڇڏيو ۽ انهن پرائيويٽ ماڻهن باهه متاثرن کي انهي سامان جو ڪجهه حصو ڏنو ۽ باقي غائب ڪري ڇڏيو ۽ باهه متاثرن کي ڏنل سامان جون تصويرون ۽ وڊيوز به سوشل ميڊيا تي رکيون جنهن بعد چمبڙ جي سياسي سماجي ماڻهن طرفان روينيو ڊپارٽمنٽ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، ۽ پرائيويٽ ماڻهن کي فوري هٽائڻ جي مطالبي سان گڏ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته جنهن به آفيس ۾ اهي پرائيويٽ ماڻهو رکيا آهن انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي.

هڪ ٻي اهم ڳالهه ته چمبڙ روينيو جا اهڙا ڪيترائي ملازم آهن جيڪي 10، 15 سالن کان چمبڙ ۾ ئي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن ڄڻ ته روينيو ڊپارٽمنٽ انهن جو ئي خريد ڪيل آهي، روينيو ڊپارٽمنٽ جي وزير طرفان اهي سخت احڪامات جاري ڪيا ويا آهن ته روينيو ۾ ڪو به پرائيويٽ ماڻهو ڪم نه ڪندو، جيڪو به پرائيويٽ ماڻهو رکندو ان عملي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي پر اڃان تائين چمبڙ جي  روينيو عملي ۾ ڪم ڪندڙ پرائيويٽ ماڻهن خلاف ڪاروائي ناهي ٿي سگهي، آخر ۾ بس اهو لکنديس ته وزير روينيو چمبڙ روينيو ۾ ڪم ڪندڙ پرائيويٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.