سانگهڙ(رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگهڙ ۾ جوڻيجا برادري جي قتل ٿي ويل ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ٽي ڏينهن گذرڻ باجود لاشن جي تدفين نه ٿي.چوٽياريون ٿاڻي حد ۾ قتل ٿي ويل جوڻيجا برادري ٽن ڄڻن جا مڙهه پريس ڪلب آڏو رکي ڌرڻو هڻي ويٺل پر هن وقت تائين اصل قاتلن جي خلاف ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه وري ڪا گرفتاري ٿي آهي .پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري ڌرڻي ۾ پهتي جتي هن مقتول جي وارثن سان واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا جنهن تي مقتول جي وارثن پ پ ايم اين اي اڳيان دانهيندي انصاف جي گهر ڪندي چيو ته اسان جي ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪرائڻ ۾ پ پ ايم اين اي علاو الدين جوڻيجو جو هٿ آهي جنهن تي پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري مقتول جي وارثن همدري جو اظهار ڪندي چيو ته توهان سان ظلم ٿيو آهي هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ۽ مقتولن جي وارثن جي مرضي مطابق ايف آئي آر ٿيڻ گهر جي هوڏانهن ٽن ڏينهن کان انصاف لاءِ ڌرڻي هڻي ويٺلن وٽ ايس ايس پي سانگهڙ واقعي جي 48 ڪلاڪ بعد ڌرڻي واري هنڌ پهڇي متاثرن سان مطالبا معلوم ڪيا جنهن مقتول جي وارثن ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوانن کي حملا ڪرائي بيدردي قتل ڪرائيندڙ ايم اين اي علاو الدين جو نالو ايف آءِ آر شامل ڪرڻ سان گڏ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي تنهن ايس ايس پي سانگهڙ مقتولن جي وارثن کي جواب ڏيندي چيو ته مان بنا انويسٽگيشن ( جاچ) جي ايم اين اي علاوالدين جو نالو شامل نه ڪندس. جڏهن هن وقت مقتول جي وارثن پاران ڌرڻو جاري آهي اڄ ٽئين ڏينهن به چوٽياريون واقعي تي سانگهڙ شهر مڪمل طور بند آهي. هوڏانهن مخدوم جميل الزمان ڌرڻي واري هنڌ پهتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته ٽن ڏينهن کان مقتولن جا لاش روڊن تي آهن پوليس مقتولن جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ لا تيار ناهي.مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته جيستائين ڪيس داخل نه ٿيندو ڌرڻو جاري رهندو هن واقعي جي وارثن سان انصاف لا احتجاج جو سلسلو سموري سنڌ ۾ وسيع ڪيو ويندو. موقعو مليو ته قومي اسمبيلي ۾ هن واقعي تي ڳالهائيندس هن چيو مونکي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو تي يقين آهي ته ڪيس داخل ٿيندو .
-
سنڌ وڏيرن ۽ جاگيردارن هٿان يرغمال بڻيل آهي: زين شاهه
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھه سانگهڙ ويجهو چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ جوڻيجا ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻن جي قتل ۽ عورتن سميت 19 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته ڏينهن ڏٺي جو رت جي هولي کيڏي وئي پر سنڌ حڪومت ۽ پوليس تماشائي بڻيل آهي، سنڌ حڪومت سڄي سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ قائم ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ وڏيرن ۽ جاگيردارن هٿان يرغمال بڻيل آهي، سنڌ ۾ جهنگ جو قانون آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي عوام تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي متاثر خاندانن سان گڏ آهي ۽ واقعي ۾ ملوث قاتلن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي.
-
وڏيرا رياستي طاقت تي غريبن جي زمينن تي قبضا پيا ڪن: تاج مري
حيدرآباد: نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري مرڪزي نائب صدر شاهينا رمضان چوٽياريون سانگهڙ ۾ هٿياربندن پاران قتل عام جي مذمت ڪندي چيو آهي بدمست وڏيرا رياستي طاقت جي زور تي ننڍن آباگارن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ خاطر رتوڇاڻ ڪري رهيا آهن هنن چيو ته سانگهڙ جي انظاميه قاتلن ساڻ ٻٽ بڻيل آهن هنن مطالبو ڪيو ته بنادير جي قاتلن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي آندو وڃي ۽ قبصاگير وڏيرن کان آبادگارن ۽هارين جون زمينو ڇڏايون وڃن
-
چوٽياريون واقعي خلاف سروري جماعت جو ميرپورخاص ۾ احتجاج، ڪنهن وڏي ماڻهو جو ڪتو مري وڃي ٿو ته ڪيس داخل ٿي وڃي ٿو: مظاهرين
ميرپورخاص(بيورورپورٽ) سانگھڙ ضلعي جي چوٽياريون ۾ جوڻيجو برادري جي 5 ماڻهن کي بيدردي سان قتل ڪرڻ ۾ ملوث جوابدارن جي عدم گرفتاري خلاف سروري جماعت ميرپورخاص پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن حاجي عبدالرزاق خاصخيلي، علي نواز ڪيريو ۽ ٻين چيو ته سانگھڙ ۾ بااثرن پاران جوڻيجو برادري جي پنجن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي باوجود پوليس ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪيو آهي متاثر خاندان سراپا احتجاج بڻيل آهي پر انهن جي ڪو به داد رسي نه ڪري رهيو آهي هنن چيو ته اسٽيٽ جو فرض آهي ته هو پنهنجي عوام کي انصاف ۽ تعفظ فراهم ڪري پر اسان جي حڪومت ان ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي ڪنهن وڏي ماڻهون جو ڪتو به مري وڃي ته ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو پر جوڻيجو برادري جي غريب ماڻهن سان ٿيل ظلم تي سانگھڙ جي پوليس خاموش آهي ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوجود وارث لاشن سميت ڌرڻو هڻي ويٺا آهن پر پوليس بااثرن خلاف ڪيس داخل نه ڪري آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهيد ٿي ويل پنجن ماڻهن جي وارثن جي چوڻ موجب ڪيس داخل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.