اسلام آباد (عمران شفقت) 26هين آئيني ترميم ڪيترن جي اکين جو ڪنڊو بڻيل آهي خاص ڪري جيڪي جڊيشري ۾ چونڊي چونڊي آندا ويا هئا جڏهن سندن فائدي خلاف معاملا ٿيا ته اهي پاڪستاني ايجنسين ، اسٽبلشمنٽ ۽ پارليامينٽ خلاف پڌرا ٿي سامهون آيا آهن. جسٽس منصور علي شاه پوري منصوبي تحت ڪم ڪيو آهي پر جج سياست ڪندو ته پوءِ پڇتائيندو.اڳ ۾ آئيني معاملا جسٽس منصور علي شاه ۽ جسٽس عائشه ملڪ آئيني بينچ کي موڪليندا هئا پوءِ اهڙو ڇا ٿيو جو بيرسٽر صلاح الدين ڪراچي مان اسلام آباد اچي درخواست ڏني ۽ انهن ٻڌڻي رکي ڇڏي. گزريل ڏينهن ڪسٽم واري اپيلن جي ٻڌڻي 3 رڪني بينچ ڪئي ٽن ججن بيرسٽر صلاح الدين کان سوال ڪيو ته توهان اصل مسئلي جي پاڙ آهيو. ججن ڇيو جڏهن ڪيس لڳي ويو ته پوءِ اهو چوڻ ته اهو هن ئي بينچ سامهون لڳايو اهو پنهنجي حد کان تجاوز آهي.سو بينچ جسٽس منصور جي ٻنهي فيصلن کي ختم ڪري ڇڏيو.جسٽس مندوخيل بيرسٽر صلاح الدين کي چيو ته نئون سسٽم ڪنهن کي نه ٿو وڻي ته اها الڳ ڳاله آهي توهان يک اسان جي صلاحيت شڪ ڇو آهي. جسٽس مظهر سوال اٿاريو ته 16 جنوري واري حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس کي ٻڌو ويو تسليم ڪيو وڃي.سو اها ٽرم اسان لاءِ نئين آهي سو به بنا اٽارني جنرل يک ٻڌڻ جي. معني ڪيس ٻڌو نه ويو پر سمجهيو وڃي ته ٻڌو ويوآهي.جسٽس منصور جي بقول ته هڪ خط جي بنياد تي 26هين آئيني ترميم ڪئي وئي.بنيادي طور تي خط تي نه پر ججن جي ڪردار جي ڪري اهو سڀ ڪجه ٿيو 21 توپن جي سلامي ڏجي پاڪستان فوج کي جن پروجيڪٽ عمران آندو ۽ ان جي حفاظت لاءِ اهڙا پهريدار مقرر ڪيا جن کي عدالتي چوغا پاتل هوندا آهن بنيادي طور تي اهو ڪولابريشن هيو ته هن ملڪ جي عوام ۽ سياسي نظام جي ايسي ڪي تيسي.اهڙين سياسي ڌرين خلاف جيڪي ملڪ اندر اسٽبلشمنٽ ۽ عدليه جي ڳٺ جوڙ خلاف رهيا آهن. هنن جا بار ٺهيل هوندا آهن اجارا داري هوندي آهي. جڏهن کين سسٽم فائدو ڏئي رهيو هيو ته ايجنسيون به ڀليون هيون. ججن جي ويهي ميٽنگ ڪرڻ جا ڪا آئين ۾ گنجائش ناهي. نه وري خط لکڻ جي آهي.جج جو بنيادي ڪم انصاف ڏيڻ آهي. پر هي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ سياسي ڌرين خلاف تقريرون ڪندا ٿا وتن.