مزاحمتي صحافت، سياست، موسيقي ۽ شاعري جو ميلاپ ڀائو ذلف پيرزادو

تحرير: عنايت لطف پيرزادو

ڀائو ذلف پيرزادو، هي نالو آهي مزاحمتي صحافت، سياست، موسيقي ۽ شاعري توڙي کري نثر جي ميلاپ جو، هن مڊل جي تعليم دوران ئي سياست جي شروعات ڪري ڇڏي هئي ۽ 1979ع  ڌاري 16 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي جي ڀتين تي “ جمهوريت بحال ڪرو، ڄام ساقي ڪو ڪو رها ڪرو ” جي چاڪنگ ڪندي گرفتار ٿيو ۽ 2 سال سزا ڪاٽي، واضح رهي ته ڀائو ذلف ميٽرڪ جو امتحان جيل مان ڏنو هو.

ڀائو ذلف جي زباني ڳالهه آهي ته موسيقي واري مورچي تي ڪم ڪرڻ جي ذميواري به کيس پارٽي ڏني ۽ هن وائيسز ميوزڪ گروپ سان گڏ ڪم ڪيو، جڏهن ته صحافت ڏانهن رخ ڪرڻ جو فيصلو به پارٽي اڳواڻن جي صلاح سان ئي ٿيو هو، پوءِ هو ڪيئن مظلومن جي ڌر ٿي بيٺو ۽ هن جيڪا مزاحمتي صحافت ڪئي اها تاريخ جو حصو آهي، باقي رهي ڳالهه ادب ۽ شاعريءَ جي سو ٻلهڙيجي سان تعلق هجڻ ڪري ڀٽائي، راڳ ۽ شاعري ته سندس نس نس ۾سمايل هئي.

امام بخش عرف ڀائو ذلف پيرزادو 1960 ع ڌاري 10 نومبر تي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ٻلهڙيجي ۾ڳوٺ جي هڪ رول ماڊل ۽ متحرڪ ڪردار ڪاڪي عبدالرحيم پيرزادو جي گهر ۾جنم ورتو، هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي والد سان گڏ پڙهائي سانگي ڪراچي شفٽ ٿيو ۽ اين جي وي اسڪول مان تعليم پرائي.

ڀائو ذلف کي سياسي ماحول سندس گهر کان ئي مليو، ڀائو ذلف جي والد ڪاڪي عبدالرحيم، انور پيرزادو صاحب، بابا سائين لطف پيرزادو ۽ ٻين جي ڪامريڊ ڄام ساقي سان دوستي سبب سندن گهر ئي ڪچهرين جو مرڪز هوندو هو، سياسي اڳواڻن جي صحبت ۾رهڻ ڪري ڀائو ذلف ننڍي عمر ۾ئي پچي راس ٿيل هڪ مڪمل نظرياتي ڪارڪن ۽ ڌرتي توڙي ديس واسين جو سچو عاشق هو.

عوامي خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد جي ڏوهه ۾ڀائو ذلف پهريو ڀيرو 1979 ع ۾ڪراچي ۾“جمهوريت بحال ڪرو، ڄام ساقي ڪو رها ڪرو” جي چاڪنگ ڪندي بابا سائين لطف پيرزادو، ڪامريڊ الطاف ۽ زبير الرحمان سان گڏ گرفتار ٿيو، ان ڪيس ۾چارئي ڄڻا 7 مهينا سزا ڪاٽي آزاد ٿيا.

ڀائو ذلف ٻيو ڀيرو سندن ڊرگ روڊ واري گهر تي ڇاپي دوران گرفتار ٿيو، جنهن ۾سندس والد ڪاڪي عبدالرحيم، ڀاءُ لاهوتي اعجاز، بابا سائين لطف پيرزادو، غلام حسين شر، لياقت شر ۽ سڪندر جهنجهي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو، جن مان ڀائو ذلف ۽ بابا سائين لطف پيرزادي کي ڇڏي ٻين سڀني کي آزاد ڪيو ويو، ان ڪيس ۾مارشل ڪورٽ بابا سائين لطف پيرزادي کي 15 ڪوڙا ۽ هڪ سال قيد جڏهن ته ڀائو ذلف کي عمر ننڍي هجڻ سبب صرف قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

پنهنجي جيل ياترا بابت ٻڌائيندي ڀائو ذلف ٻڌايو هو ته “ سکر سينٽرل جيل ۾قيد دوران هڪ ڏينهن صبح جو ڪچهري ۾ويٺا هئاسين، تڏهن جيل ڀريل هو، سياسي سماجي اڳواڻ، اديب شاعر سڀني کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو هو، ان وقت رسول بخش پليجو صاحب به جيل ڪاٽي رهيو هو ۽ ڪچهري ۾موجود هو، جيئن ته آئون وائيسز گروپ جي پليٽ فارم تان ڳائڻ شروع ڪري چڪو هئس ۽ آواز به جاندار هو، سو دوستن اسرار ڪيو ته ذلف پيزرادو ڪلام ٻڌائي ۽ مون به اياز جو ڳاءِ انقلاب ڳاءِ … ڳائڻ شروع ڪيو، جيل ۾راڳ ٻڌي وزٽ تي پهتل ڪو وڏو صاحب ڪاوڙ پيو ۽ جيلر سهڪندو ڪاوڙجي اچي پهتو ۽ هي ڇا آهي، اڃا مس چيو هئائين ته رسول بخش پليجو صاحب اٿي بيهي رهيو ۽ کيس ست سريون ٻڌايون، آخر ۾انگريزي جا ڪجهه جملا چئي هن کي خاموش رهڻ جو چيو ۽ مون جڏهن ڪلام پورو ڪيو ته جيلر پيرين پئي ڳائڻ بند ڪرايو ته منهنجي نوڪري جو سوال آ، وڏو صاحب وزٽ تي آيل آ، جيل ۾هي راڳ رنگ ڏسندو ته منهنجي نوڪري هلي ويندي.

ضياءَ الحق جي سخت مارشلائي دور ۾ سمورا اڳواڻ انڊر گرائونڊ ٿي وڃڻ سبب ڪاڪو عبدالرحيم، انور صاحب ۽ بابا سائين لطف پيرزادو ڀائو ذلف سميت ڳوٺ جو رخ ڪيو، جڏهن ته انور صاحب کي لاڙڪاڻي ۾ انگريزي اخبار ڊان جي نمائندگي ملي تنهن ڪري هو لاڙڪاڻي شفٽ ٿي ويو.  يعني هو به ڳوٺ جي ويجهو ٿيو. جتي هنن ڳوٺ سڌار سنگت ٺاهي ڳوٺ کي اسڪول، اسپتال، بجلي ۽ روڊ رستا ڏياريا، هنن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ ڳوٺ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏياري.

ڀائو ذلف صحافت جي شروعات سکر مان پڪار اخبار کان ڪئي، هو سنڌ، الک ۽ خبرون اخبار سان به سلهاڙيل رهيو، خبرون اخبار ۽ ڀائو ذلف جو ذڪر نڪرڻ تي هميشه ان واقعي جو ورجاءِ ضرور ٿيندو “ جڏهن ڪالا باغ ڊيم جو اشتهار ڇپڻ کان انڪار ڪندي ڀائو ذلف جي اڳواڻي ۾اخبار جي سڄي اسٽاف استعفيٰ ڏئي نوڪري ڇڏي ڏني هئي، جن ۾اڄ جا ڪيترائي سينيئر صحافي پڻ شامل آهن.ڀائو ذلف جا آخري 2 ڏهاڪا عوامي آواز اخبار ۾گذريا، عوامي آواز ڄڻ ته ڀائو ذلف جو ٻيو گهر هوندو هو، پروفيشنل طور هي فقير هميشه عوام جي ڌر ٿي بيٺو ۽ ناانصافين خلاف ڀرپور آواز اٿاريو، آفيس ۾تڪڙا امير، بااثر ۽ مشهور ٿيندڙ صحافين جو ذڪر نڪرڻ تي اڪثر دوست ڀائو سان ڀوڳ ڪندي چوندا هئا ڀائو ڏسو ٿا، اٺ ڏهه سال تجربي وارا صحافي ويگو، پيجارو ۾گهمن ٿا، بنگلن ۾رهن ٿا، توهان 40 سالن جي صحافتي ڪيريئر ۾پنهنجو ذاتي گهر به نه ٺاهي سگهيا آهيو، جنهن تي هي فقير کلي چوندو هو ته اهڙين گاڏين بنگلن کان اسين ايئن ڀلا آهيون.

ضمير وڪڻي امير بڻجون،

اهو اسان کان نه ٿيو آ، نه ٿيندو،

سو بلڪل ڀائو ذلف پنهنجي سڄي حياتي سياست توڙي صحافت ۾عزت ڪمائي، هن پئسا ڪمائي عوام ۾پت وڃائڻ کان انڪار ڪندي هميشه سچائي، ايمانداري ۽ بيباڪي سان ڪم ڪيو، ڪڏهن به پئسن خاطر اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، اهو ئي سبب آهي ته اڄ سڄي سنڌ کيس ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي، سو اڄ جي هن ڪمرشلائيزيشن واري دور ۾اسان کي اها ڳالهه ذهن ۾ضرور رکڻ گهرجي تاريخ هميشه سچن ۽ ايماندار ماڻهن کي ياد رکندي آهي، سون تي سيڻ مٽائيندڙ ماڻهن تاريخ جي ورقن کان گم ٿي ويندا آهن.

سو ڀائو ذلف سڄي زندگي ٿوري قوت قراريا ۽ آڙين ۽ چاڙهين واري نظريي تحت زندگي گذاري، هن پنهنجي نياڻين کي پڙهائي پيرن تي بيهاريو ۽ سندس پٽ عبدالرحيم پيرزادو به ڪراچي يونيورسٽي جو شاگرد آهي، ڀائو جي نياڻي ورثا پيرزادو سندس حياتي ۾سياسي ۽ صحافتي سفر شروع ڪري چڪي آهي، هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي هڪڙا ماڻهو ايندا ٻيا ويندا پر ڀائو ذلف جهڙن ماڻهن کي سنڌ هميشه ياد ڪندي رهندي..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.