چمبڙ جي يوسي انتظاميا طرفان عوام کي رليف ڪڏهن ملندو؟

تحرير: ثوبيا کوسو

چمبڙ تعلقو جيڪو هر سال برسات ۾ فطري لنگهن تي قبضن جي ڪري ٻڏي ويندو آهي ۽ هزارين خاندان پنهنجي اجهن کان محروم ٿي ويندا آهن اتي وري بيٺل برساتي پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ يوسي انتظاميا طرفان ڪو به نوٽس ناهي ورتو ويندو ۽ نه ئي وري بيٺل پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ ڪو عمل ڪيو ويندو آهي،چمبڙ جي يوسي انتظاميا مڪمل طرح يوسين جي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي، چمبڙ ۾ مجموعي ست يوسيون آهن ۽ انهن ست يوسين جي ڳوٺن جا هزارين ماڻهو اڃان تائين پٿر واري دور جيان زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ڳوٺاڻن جي بقول ته يوسي چيئرمن جيئن ووٽ وٺي ويا آهن وري انهن ڳوٺاڻن کي منهن ئي ناهي ڏيکاريو، ۽ وڏي افسوس جي ڳالهه ته اها آهي جو لوڪل گورنمنٽ ٽنڊوالهيار وٽ يوسي سيڪريٽرين جي ايتري ته کوٽ آهي جو چمبڙ جي ٽن ٽن يوسين تي هڪ سيڪريٽري مقرر آهي، ۽ انڪري ئي عوام مختلف سرٽيفڪيٽن لاءِ تمام گهڻو پريشان هوندي آهي ۽ هر روز يوسين جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور هوندي آهي.

جيڪڏهن سرٽيفڪيٽن جي ڳالهه ڪنداسين ته تازو ئي سنڌ حڪومت يوسين جو بجيٽ 5 لک مان وڌائي 10 لک ڪيو ۽ بجيٽ  وڌائڻ سان گڏ اهو به اعلان ڪيو ته هاڻي يوسي انتظاميا عوام کان سرٽيفڪيٽ جا پئسا نه وٺندي پر چمبڙ جي يوسين مسوبوزدار ، يوسي درياء خان مري، يوسي لانڍي ۾ اڃان تائين برٿ سميت مختلف سرٽيفڪيٽن جا چار کان پنج سئو روپيا وصول ڪيا پيا وڃن، ۽ جيڪو برٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ ويندو آهي ان کي اهو چيو ويندو آهي ته تون وڃي پي سي ٺهرائي اچ، پي سي ۾ هڪ قسم نامو ۽ ٻيا ٽي ڪاغذات هوندا آهن ۽ قسم نامي سميت ٽن ڪاغذن جا دڪان وارا ست کان اٺ سئو روپيا وصول ڪندا آهن، غريب هاري مزدور ست کان اٺ سئو روپيا انهيءَ دڪان واري کي ڏين ۽ في برٿ سرٽيفڪيٽ جا چار يا پنج سئو روپيا يوسي انتظاميا کي ڏين ، مطلب ته هڪ برٿ سرٽيفڪيٽ لاءِ پورا 1300 روپيا خرچ ٿيندا آهن ۽ خرچ به انهيءَ تي جنهن جي ڪا به فيس ناهي، ۽ ظلم جي انتها ته اها آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جا ٻه ٻار آهن ته انهيءَ کان پئسا الڳ وصول ڪيا ويندا آهن، هوڏانهن لکين رپين جي  بجيٽ مان ڪتا به ناهن مارايا، صرف يوسي مسوبوزدار جي ڳالهه ڪجي ته ان هڪ يوسي ۾ ڪجهه ئي مهينن اندر سوين ماڻهن کي ڪتا ڏاڙهي زخمي ڪري چڪا آهن ، ۽ انهن زخمين ۾ معصوم ٻار، عورتون، نوجوان ۽ ٻڍا شامل آهن ڳوٺاڻن ڪيترائي دفعا احتجاج به ڪيا آهن پر يوسي انتظاميا جي ڪنن تي جون به نٿي چري.

رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان کان هر دفعي ووٽ وٺي وڏا وڏا واعدا ڪيا ويندا آهن پر اليڪشن کٽڻ  کانپوءِ منهن ئي ناهي ڏنو ويندو، يوسين کي هر مهيني ملندڙ فنڊ جي ڳالهه ڪجي ته هڪ يوسي کي 10 لک روپيا ملن ٿا ۽ يوسين ۾ هڪ ڪلارڪ هڪ نائب قاصد ۽ هڪ چوڪيدار هوندو آهي، انهن جي پگهار به انهيءَ فنڊ مان ٿيندي آهي ٻه لک روپيا انهن جي پگهار جا ڪڍي ڇڏجن ته تڏهن به اٺ لک روپيا بچن ٿا ۽ اٺ لک روپين مان يوسي جي عوام جا ڪيترائي ننڍا ننڍا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، ننڍڙا آر او پلانٽ لڳائي سگهجن ٿا، گهٽين ۽ رستن جون ڀرايون ڪرائي سگهجن ٿيون ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪرائي سگهجن ٿا پر چمبڙ جي يوسي انتظاميا طرفان ڪو به ڪم نٿو ڪرايو وڃي.

مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آخر يوسين جي بجيٽ جي آڊٽ ڇو نٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن ٿئي به تڏهن به آل اوڪي جي رپورٽ ڪيئن ڏني ويندي آهي؟ ڪجهه ئي ڏينهن اڳ عوامي آواز ۾ سنڌ حڪومت طرفان اجلاس جي هڪ خبر پڙهي هئي اجلاس ۾ اهو انڪشاف ٿيو هو ته سنڌ جي لوڪل گورنمنٽ کاتي طرفان عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو، ۽ نه ئي وري ڪو عوامي ڀلائي وارو ڪم ڪرايو ويو آهي، ۽ اها حقيقت به آهي ، سنڌ حڪومت جيڪڏهن عوام دوست حڪومت آهي ته پوءِ ان کي خالي اجلاس نه پر نوٽس وٺي انڪوائري ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي جو حڪم پڻ ڏنو وڃي ، تڏهن ئي شايد ڪو يوسي انتظاميا اک پٽي، پر مشڪل آهي، اوهان پاڻ سوچيو ته هڪ هڪ آڊٽ آفيسر جيڪو يوسي جي بجيٽ بي آل اوڪي رپورٽ ٺاهي ٿو اهو ائين ڪيئن ٺاهيندو هوندو؟ معنيٰ ته هيٺ کان مٿي تائين سڀ گڏ آهن ۽ سڀني کي برابر حصو ملي ٿو، ،جيڪڏهن ائين نه هجي ته يوسي جي بجيٽ جنهن مان ڪو به ڪم نٿو ڪرايو وڃي ان بجيٽ جي آڊٽ به ٿي وڃي ۽ سڀ ٺيڪ آهي جي رپورٽ به ٺاهي وڃي اهو ممڪن ئي ناهي، چمبڙ جي يوسين جا ڪيترائي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي ناهي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هڪ نظر يوسين جي ڪارگردگي تي وجهي عوام کي رليف ڏياري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.