اسلام آباد: ڪتو جهاز جي لينڊنگ ۾ خلل بڻجي ويو، پرڏيهي اُڏام وڏي حادثي کان بچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد انٽرنيشنل هوائي اڏي تي پريڏهي ايئرلائينز جو جهاز حادثي کان بچي ويو.
ذريعن موجب، دبئي کان اسلام آباد ايندڙ پرڏيهي ايئرلائين جي اُڏام جي لينڊنگ دوران هڪ ڪتو رن وي تي اچي ويو ۽ جهاز جي لينڊنگ وقت ڪتي جي موجودگي بابت اي ٽي سي جهاز جي ڪپتان کي فوري طور تي آگاھه ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اي ٽي سي جي هدايت تي ڪپتان لينڊنگ بدران جهاز کي چڪر لڳرايو ۽ ٻي ڪوشش ۾ ڪپتان محفوظ طريقي سان جهاز لينڊ ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز ۾ 250 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.