حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سرموڙ صحافي ۽ يگاني ڪردار عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر زلف پيرزادو جي پهرين ورسي جي موقعي تي عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران اڄ منجهند جو 3 وڳي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تقريب ٿيندي.
هن تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکندڙ صحافي، اديب، ليکڪ، سياسي ڪارڪن ۽ ساڃاهه وند شرڪت ڪري ترقي پسند، روشن خيال، وطن دوست ۽ آدرشي صحافت کي زندگي ارپيندڙ نامياري صحافي زلف پيرزادو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا.
عوامي آواز پاران مزاحمتي صحافت جي اهڃاڻ ڀائو زلف پيرزادو جي پهرين ورسي سڀاڻي ملهائي ويندي
Next Post
You might also like