فيشن ڀلي ڪيو پر ٻَيلي ڪجهه پنهنجي صحت جو به سوچو، عورتن لاءِ وڏي خبرداري

دنيا ۾ هر سال نوان نوان فيشن متعارف ڪرايا ويندا آهن، جن کي ماڻهو وڏي شوق سان اختيار به ڪري وٺندو آهي، پر ڪجھ فيشن توهان جي صحت تي پڻ اثرانداز ٿين ٿا، جنهن جو توهان کي اندازو ئي ناهي هوندو.

فيشن ۾ هميشه عورتون مردن کان اڳتي نظر اينديون آهن، سياري جي موسم هجي يا گرمي، پر عورتن کي فيشن ڪرڻ کان ڪجهه به روڪي نٿو سگهي، پر فيشن دوران عورتون پنهنجي صحتن جو خيال رکڻ ۾ غافل ٿي وڃن ٿيون.

فيشن ۾ ڪهڙيون غلطيون آهن جن جو خيال رکڻ ضروري آهي.

ڊگهي کڙي پائڻ جو شوق گهڻين عورتن کي هوندو آهي ۽ اهي ان شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ مهانگا سينڊل خريد ڪرڻ ۾ ڪا به قصر ناهن ڇڏينديون.

پر اهي ڊگهي کڙين وارا سينڊل توهان جي صحت لاءِ تمام گهڻا خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي گهڻي عرصي وارا مسئلا پيدا ڪندڙ آهن انهن سان چيلهه جي هيٺين حصي ۾ درد، ڳچي ۾ سختي۽ گوڏن جي سور جا امڪان تمام گهڻا وڌي ويندا آهن.

ڳورا ۽ وڏا ٿيلها يا پرس کڻڻ به عورتن جو وڏو شوق هوندو آهي.خوبصورت ۽ نئين ڊيزائن وارا بيگ عورتن کي تمام پسند ايندا آهن، ۽ اهڙو ڪو موقعو ناهي جتي عورتون پنهنجي پرس کڻي نه وڃن، جنهن لاءِ بهترين پرسن جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي.

ڪجهه پرسون ته ننڍيون هونديون آهن ۽ ڪجهه عورتون ننڍيون پرسون کڻڻ کي ئي ترجيح ڏينديون آهن جڏهن ته ڪجهه وري چاهينديون آهن ته پرس اهڙي هجي جنهن ۾ فيشن جي سڄي ڪِٽ ماپجي وڃي.

ڳوري پرس رکڻ جي ڪري توهان هٿن، ٻانهن ۽ گچيءَ توڙي پٺن جي سختي ۽ سور ٿيڻ جا امڪان گهڻا هوندا آهن، تنهنڪري جيڪڏهن توهان ان تڪليف کان بچڻ چاهيو ٿا، ته اهڙيون پرسون چونڊيو جيڪي هلڪي وزن واريون ۽ فيشن سان ملندڙ جلندڙ هجن.

سوڙها ۽ جسم سان چمبڙيل ڪپڙا پائڻ به عورتن لاءِ خوبصورتي جو سبب هوندو آهي. چست ڪپڙا پائڻ جو رواج پڻ تمام عام ٿي چڪو آهي، جنهن سان نه رڳو ٽنگن، پر پيٽ ۽ چيلهه ۾ پڻ تڪليف ٿيندي آهي.

ماهرين جو چوڻ آهي ته لڳاتار ۽ گهڻي وقت تائين چست ڪپڙا پائڻ سان خون جي گردش متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ جسم جو اهو حصو سن ٿي وڃي ٿو.

اکين جا لينس هڻڻ به عورتن لاءِ وڏو شوق هوندو آهي، جڏهن ته اهي شوق ڪن مردن ۽ نوجوانن کي به هجي ٿو اکين جو رنگ مٽائڻ لاءِ عورتون توڙي مرد سرمئي، نيري، سائي رنگ جا لينس استعمال ڪندا آهن.پر اهي لينس اکين جي صحت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، ڪيترائي اهڙا ڪيس سامهون آيا آهن جن ۾ لينس سبب اکين کي وڏو نقصان ٿيو آهي.

لينس پائڻ سان اکين ۾ انفڪشن ٿي سگهي ٿو، جيڪو نظر گهٽ ٿيڻ  ۽ اکين جي بيمارين جو سبب به بڻجي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.