افواهه سچ ثابت، ڪبريٰ ۽ گوهر شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ اداڪار گوهر رشيد پنهنجي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد ويجها دوست آهن ۽ ٻنهي پنهنجي شادي جو اعلان هڪ نئين انداز ۾ ڪيو آهي.
ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ همايون سعيد، عاصم اظهر ۽ اذان سميع خان سميت ٻيون شوبز شخصيتون شادي ءَ بابت پڇي رهيون آهن.
ان کانپوءِ وڊيو جي آخر ۾ ڪبريٰ ۽ گوهر رشيد اچن ٿا، جيڪي مسڪرائيندي پنهنجي شادي جو اعلان ڪن ٿا.
ڪبريٰ وڊيو پوسٽ ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ” اوهان جي پيار ۽ دعائن سان بسم الله “
ٻنهي جي شادي ڪڏهن ٿيندي ان حوالي سان ڪا تاريخ سامهون ناهي آئي. پر سندن اعلان سان ٻنهي جي شادي بابت خبرون سچ ثابت ٿيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.