آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ايئر جو اعلان، پاڪستاني رانديگر به شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ايئر 2024ع جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ايئر جي قيادت ڀارت جي روهت شرما مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيم ۾ هڪ پاڪستاني ڪرڪيٽر پڻ شامل آهي.
ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ايئر ۾ ڀارت جا 4 رانديگر شامل آهن جڏهن ته آسٽريليا، انگلينڊ، پاڪستان، سير لنڪا، زمبابوي، افغانستان ۽ ويسٽ انڊيز مان هڪ، هڪ ڪرڪيٽر شامل آهي.
اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ٽيم آف دي ايئر ۾ شامل آهي، بابر اعظم ان فهرست ۾ اڪيلو پاڪستاني ڪرڪيٽر آهي.
روهت شرما ۽ بابر اعظم کانسواءِ ٽريوس هيڊ، فل سالٽ، نِڪولس پوران، سڪندر رضا، هاردِڪ پانڊيا، رشيد خان، ونندو هسارنگا، جسپريت بمرا ۽ ارشديپ سنگھه شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.