لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
اَپ گريڊيشن کانپوءِ لاهور جو قذافي اسٽيڊيم پاڪستان نيوزي لينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچن جي ميزباني ڪندو.
ان کانسواءِ اپ گريڊ ٿيل نيشل بئنڪ اسٽيڊيم۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ميچ سميت فائنل پڻ ٿيندو.
هي سيريز سنگل ليگ جي بنياد تي 8 کان 14 فيبروري تائين کيڏڻ لاءِ شيڊيول آهي، جنهن جون شروعاتي ٻه ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيندي جڏهن ته آخري ليگ ميچ ۽ فائنل ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز اٺ فيبروري ڇنڇر جي ڏينهن قذافي اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي، جيڪا ڊي اينڊ نائيٽ هوندي، جڏهن ته ڏهه فيبروري سومر جي ڏينهن نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٽاڪرو ٿيندو.
انهن ٻنهي ميچن کانپوءِ ٽورنامينٽ ڪراچي منتق ٿيندي، جتي پاڪستان 12 فيبروري تي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ ڊي نائيٽ ميچ ۾ جنوبي آفريڪا سان مقابلو ڪندو، ميچ مقامي وقت موجب منجهند ٻه وڳي شروع ٿيندي.
ٽه ملڪي سيريز جو فائنل 14 فيبروري تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو، جيڪو ڊي اينڊ نائيٽ هوندو.
You might also like