اسلام آباد (م ڊ) اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته اسان حڪومت کي چيو هو ته ڳالهين کي سنجيده وٺو، ان جو نقصان حڪومت کي ٿيندو. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سن ڳالهائيندي ۽ صحافين جي پيڪا ايڪٽ خلاف مظاهري کي خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته پيڪا ايڪٽ زبانون بند ڪرڻ جو ڪارو قانون آهي، سڀ صحافتي تنظيمون متفق آهن ته پيڪا ايڪٽ منظور ناهي. سڀ صحافتي تنظيمون گڏجي اڳتي وڌن، اپوزيشن ساٿ ڏيندي. 26هين ترميم کانپوءِ عدليه کي ڪمزور ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن لکيو ته ايجنسيون سندن ڪم ۾ مدخلت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته معيشت ٻڏي چڪي آهي، انٽرنيٽ بند ڪئي وئي آهي، وزيراعظم چوي ٿو ته ڊجيٽل پاڪستان ٺاهينداسين. اوهان شارڪ مڇي کي نٿا سنڀالي سگهو، حڪومت هوش کان ڪم وٺي. اڄ 11 منٽن ۾ 8 قانون پاس ڪيا ويا، هي اهي قانون آهن جن کي صدر رد ڪري ڇڏيو هو. بئريسٽر گوهر چيو ته ڀارت ۾ لوڪ سڀا 6 ڪلاڪ هلي ٿي، هتي ڪورم به پورو ناهي هوندو، اجلاس ملتوي ڪيو وڃي ٿو. انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جي اوٽ ۾ اظهار جي آزادي کي گهٽو ڏنو پيو وڃي. شبلي فراز چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمون ميڊيا نمائندن کي واڙڻ لاءِ آهن. هتي احتجاج ۽ آواز دٻايو پيو وڃي پوءِ چون ٿا ته پاڪستان ۾ ماڻهو انويسٽمينٽ نٿا ڪن، ههڙا قانون هوندا ته ماڻهو سيڙپ ڪيئن ڪندا؟ زرتاج گل چيو ته پي ٽي آءِ پيڪا ايڪٽ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ صحافين سان گڏ آهي.