اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ جي اجلاس ۾ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو جنهن تي پي ٽي آءِ سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، صحافين به پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو. سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ۽ ڊجيٽل نيشن پاڪستان بل منظور ڪرائڻ لاءِ سوالن جي وقفي واري ڪارروائي معطل ڪئي وئي. سوالن جو وقفو معطل ڪرڻ واري رٿ سينيٽر شيري رحمان پيش ڪئي. تنهن کانپوءِ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو. بل پيش ٿيندي ئي صحافين احتجاجي طور سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ شروع ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، پنهنجين سيٽن تي بيهي رهيا ۽ ڊيسڪون وڄايون. نعرا هنيا ويا ته لٺ ۽ گولي جي سرڪار نه هلندي. تنهن کانپوءِ ڊپٽي چيئرمين پيڪا ترميمي بل لاڳاپيل سينيٽ ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اجلاس سومر شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ صحافين جي واڪ آئوٽ تي پي ٽي آءِ ميمبر صحافين جي حمايت لاءِ پريس گيلري پهتا. شبلي فراز، عون عباس، همايون خان مهمند، ذيشان خانزاده، سيف الله نيازي، فوزيا ارشد، فلڪ ناز چترالي به پريس گيلري پهتا هئا. ميڊيا سنا ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر شبلي فراز چيو ته اسان پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم کي رد ڪريون ٿا، حڪومت کي اهڙا قانون پاس ڪندي شرم اچڻ گهرجي، هي قانون صحافين ۽ پي ٽي آءِ کي دٻائڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، صحافين جو نظريو مختلف ٿي سگهي ٿو، ايڪي جو اظهار ڪريون ٿا، هي قانون اصل ۾ پي ٽي آءِ خلاف آهي پر صحافي به سٽ ۾ اچي ويا آهن. ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري جي پراڊڪشن آرڊر تي عمل درآمد تائين اجلاس جي صدارت کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب يوسف رضا گيلاني جو موقف هو ته جيستائين پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري کي سينيٽ اجلاس ۾ گهرائڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيندو ان وقت تائين اجلاس جي صدارت نه ڪندس. تنهن جي ڪري ڊپٽي چيئرمين اجلاس هلايو.