عمران خان جي آزادي لاءِ نوابشاهه ۾ احتجاج ڪندڙن تي پوليس جي لٺبازي، ڪيترائي گرفتار

نوابشاهه (ڊر) نوابشاهه ۾ شيراز چوڪ تي پي ٽي آءِ جي ريلي تي پوليس ڪڙڪي پئي، پوليس وحشياڻو تشدد ڪندي ٻن عورت ڪارڪنن سميت ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيا،  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ نوابشاهه پاران صوبائي اڳواڻ عنايت علي رند ڪراچي کان آيل پي ٽي آئي ليڊيز ونگ جي اڳوڻي صوبائي اڳواڻ نازيا رباني جي اڳواڻي ۾ انصاف ھائوس کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جنھن کي پوليس جي وڏي اٽالن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر مڇريل ڪارڪنن پوليس جون رڪاوٽون ٽوڙيندي شيراز چوڪ ڏانھن وڌندا رهيا جڏهن ريلي ڊي سي چوڪ وٽ پهتي ته پوليس روڊ تي موبائيلون بيهاري روڊ بند ڪري ڪارڪنن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو، پر مڇريل ڪارڪنن پوليس رڪاوٽون ٽوڙي شيراز چوڪ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جتي پوليس جي وڏي نفري پهچي ريلي ۾ شامل ماڻهن مٿان ڪڙڪي پئي پي ٽي آئي ڪارڪنن مٿان پوليس سخت تشدد ڪرڻ بعد اڳواڻن عنايت حسين رند ۽ نازيا رباني سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي کنڀي کڻي وئي ۽ ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون پڻ پوليس موبائيلن ۾ کڻي وئي، ان موقعي تي گرفتار ٿيل اڳواڻن عنايت حسين رند ۽ نازيا رباني چيو ته اسان پنهنجي ليڊر عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي آزادي لاءِ پر امن احتجاج ڪيو پر نوابشاهه پوليس ان کي پر تشدد بڻائي ڇڏيو، ھنن چيو ته پوليس اسان سميت اسان جي ڪارڪنن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو آهي، ٻئي طرف ڊي ايس پي غلام مرتضا ميراڻي پي ٽي آئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري بابت ميڊيا جي ڪيل سوال جي جواب م چيو ته اسان ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو آهي، جيڪڏهن گرفتاريون ٿيون به آهن ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، احتجاج دوران ڪجهه پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪارڪنن کي ڇڏي کسڪي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.