نيو سعيد آباد جي ويجهو، گورنمينٽ پرائمري اسڪول لطف راهو جا ٻارڙا کلئي آسمان هيٺيان پڙهي رهيا آهن. هن اسڪول ۾ 110 شاگرد آهن. اسڪول جي بلڊنگ زبون حال هئڻ ڪري استعمال هيٺ ڪونه آهي. جنهن ڪري انهن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. حالت اها آهي جو، اسڪول جي چوديواري جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو آهي. اها نه رڳو هڪ اسڪول جي حالت ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. پر، سنڌ ۾ کوڙ اسڪول اهڙا آهن. جن جون عمارتون استعمال ڪرڻ جهڙيون ڪونه آهن.
مون ڪافي اهڙا سڪول به ڏٺا آهن. جن جون عمارتون ٺهي راس ڪونه ٿيون ته، ٺيڪيدار ڪم ڇڏي هليا ويا آهن. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته، ڪافي ٺيڪيدار پنهنجو ڪم، ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاري آفيسرن سان ملي ڀڳت ۽ ڳٺ جوڙ ڪري پئسا وٺي کائي ويا آهن. هاڻ، انهن عمارتن جي مرمت جا پئسا منظور ڪرايا ويندا ۽ نالي ماتر مرمت ڪرائي وئي. ٺيڪيدار اثر رسوخ وارا آهن. سياسي رسوخ به رکندڙ آهن. جنهن ڪري چونڊيل نمائنده به ڪونه ٿا پڇاڻو ڪن. ا اسڪول جي عمارتن ۾ انهن جي مال جا واڙا لڳا پيا آهن. ڪن هنڌن تي اوطاقون قائم ڪيون ويون آهن. ته ڪٿي وري وڏيرن جي زرعي جنسن جا گودام ڏسڻ ۾ اچن پيا. ڪن وڏيرن جا ڪتا به اسڪول جي عمارتن ۾ ويٺا آهن. پر، ڪوبه ٻارڙو اتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي نه ٿو سگھي.
تعليمي ادارن ۾، فرنيچر جي کوٽ آهي. اڪثر اسڪولن ۾ فرنيچر گھٽ هجڻ ڪري ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ٻار هيٺ پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ڪن هنڌن تي تڏا، رليون ۽ گاهه توڙي پلال وڇائي تعليم ڏني پئي وڃي. ايتري قدر جو استادن جي ويهڻ لاءِ ڪرسي به موجود ڪونه آهي. ڪن اسڪولن کي فرنيچر ته ڏنو ويو آهي پر، اهو ڪچي ڪاٺ جو ٺهيل آهي. جنهن مان ٻورو پيو ڪري. ان کي جلد ئي اڏوهي وٺيو وڃي ٿي. اها حالت سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ آهي. ڪن اسڪولن ۾، پيئڻ جي پاڻي جي سهولت به موجود ڪونه آهي. استاد، شاگرد ۽ ٻيو عملو پريشاني ۾ رهي ٿو. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ واش روم ڪونه آهن. ان کان علاوه بجلي جي سهولت ڪونه آهي. انهن مسئلن جي ڪري اسان جي تعليم متاثر ٿئي پئي. اڳ ۾ هتي تعليم جو معيار بهتر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ان تي تنقيد ٿيندي رهندي آهي. وري سهولتن جي نه هئڻ ڪري اڳيون نور به چٽ ٿيندو پيو وڃي. تعليم، تمام گھڻو متاثر ٿي رهي آهي.
اسڪولن ۾ ته اها حالت آهي جو، ٽيچنگ عملو پورو ڪونه آهي. استادن جي کوٽ تقريبن هر اسڪول ۾ آهي. ڪن پرائمري اسڪولن ۾ هڪ سو کان وڌيڪ شاگرد آهن ۽ اتي هڪ استاد پڙهائي ٿو. جنهن لاءِ ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ٿيو پون. هڪ ڏينهن ۾ سڀني کي سبق ڏيئي نه ٿو سگھي. ان صورتحال ۾ جيڪو نصاب مقرر آهي سو، پورو ٿي نه ٿو سگھي جنهن ڪري تعليم کي وڏو ڌڪ رسي پيو. اسڪولن ۾ نه رڳو استاد ڪونه آهن. پر، ننڍو عملو به پورو ڪونه آهي. سڄي سنڌ ۾ اها حالت ڏسڻ ۾ اچي پئي. استادن جي ڪري به کوٽ پيدا ٿي آهي. جيڪا اسان جي تعليم جي تباهي جو باعث بڻجي پئي ۽ معاشري تي ناڪاري ۽ خراب اثر پئجي رهيا آهن.