مونکي خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي،
ٻلھڙيجي کي
"لِٽِلِ ماسڪو”
نالو ڏيارڻ ۾
انور پيرزادي کان سواءِ
ٻيا
ڪھڙا ڪھڙا ڪردار ھئا؟…
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي،
انور
پاڻ جيڪڏهن رھيو
ڪراچي جي ڪنھن
ڪنڊڙي ۾
ته
ٻلھڙيجي جي
ٻين ماڻهن کي
وٺي اُتي رھائڻ
انھن جي
نوڪري لاءِ
ڪوششون ڪرڻ
انھن کي
روزگار وٺي ڏيڻ
انھن جي
ٻارن پڙھائڻ تائين
سوچڻ
انور کان سواءِ
ڪو ٻيو به
ٻلھڙيجي جو
ھُيو؟!…
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي،
ته ڀِٽَ ڌڻي تي
مور فقير جھڙي ماڻهو کي
ايلاز منٿون ڪري
نوڪري وٺي ڏيڻ
۽ ان کي اُتي
آستانو
اَڏي ڏيڻ ۾
مدد ڪرڻ
۽ پاڻ اُتي وڃڻ
۽ رھڻ دوران
ان ھنڌ
"ايف آءِ آر” بڪ رکرائي
ان ۾ ڀٽائي اڳيان
فريادون لکڻ
ڪتاب سيراندي
۽ پين پنا
اڳيان رکي
الائي ڇا ڇا
لکڻ ۾
۽ پڙهڻ ۾َ
مشغول رھڻ
۽ اُن جي پوکيل
وڻن جي ڇانوَ
۽ ڇَٻَرَ تي
سمھي
نه رڳو پاڻ
پر ٻين کي به
سَڏائي
دلي سڪون
حاصل ڪرڻ لاءِ
چَوَڻَ وارو
۽ ڀٽائي اڳيان
فريادون لکائڻ وارو
ڪو ٻيو به ھُيو؟…
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي،
ته ڪنھن شينھن
بگهڙ
وڏي ماڻهو
پوليس آفيسر
يا
ڪھڙي به حڪمران
جي طاقت کي
انسان کان وڌيڪ
ٻلھڙيجي جي
ڪنھن ٻئي ماڻهو
انور وانگر
ليکي ۾ نه آندو
يا
محسوس ڪيو ھجي
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي،
ته مڪانَ تي
ويٺل ماڻهن کي به
انور کانسواءِ
ڪو ٻيو به ايئن ھُيو
جنھن اھو درس ڏيندي
چيو ھُجي ته
توھان پڙھو،
پڙھايو
۽ ان طرح
اڳتي وڌي سگهو ٿا…
موالي آھيو ته
ڇا ٿي پيو
توھان پنھنجي
سگهه کي سمجهو
۽ سُڃاڻو”
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي،
ته پِني
ٻچن کارائڻ تي به
ڪو ماڻهو
فخر محسوس ڪري
۽ انور کان علاوه
ڪو ٻيو به ماڻهو
اھڙو ھُيو
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي،
ته سوڀي گيانچنداڻي
جيڪي ڪتاب لکيا
مختلف موضوعن تي
انھن جي پويان
انور کان علاوه
ڪو ٻيو ماڻهو ھو
جنھن
محمد علي پٺاڻ کي
چيو ھجي ته،
ھي جيڪو ڪجهه ڳالھائي
اُھو لکندو وڃ
۽ پوءِ اھو سڀ
ڪتابن جي صورت م
آڻيندو وڃ
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي
ته انور سکر جيل ۾
"ناني” وارو ڪردار
ادا ڪيو
ته ڇو ڪيو
ڪُنِي چاڙهي
سڀني کي "وَنڊُ”
ڇو پيو ڪڍي ڏي
پنھنجي لاءِ
سڀني کان گهٽ
۽ ٿورو ذرو
ڇو پئي بچايائين
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي
ته اُتي جيل ۾
ڪتاب کڻي
ھِنَ ھُنَ کي
ڇو پئي ڏنائين
۽ اِهو
ڇو پئي چيائين ته
"ڪتابَ پڙھو”
ٻيو ته ٺھيو
ڪامريڊ ڄام ساقي کي به
اِھو ڇا لئه پيو چوي ته
"اوھان وڏا ماڻهو آهيو
پر
لازمي طور
ڪتابَ پڙھو”
ھُن وانگر
ڪو ٻيو ائين
ڇو نه پيو ڪري
مونکي ڪا به خبر ناهي…
مونکي خبر ناهي
ته ڪنھن به محفل ۾
تاريخ جي حوالي سان
ڪنھن ٻئي به
چيو ھُجي ته
"ھي ھيئن آهي…
ھو ھيئن آهي…”
ڪو غلط ڳالهه ڪري ته
ان کي ائين ڇو نه
ٻين جيان چوي ته
"تون غلط ٿو چوين”
بلڪه ائين
ڇو پيو چوي ته
"تون برابر پيو چوين
صحيح پيو چوين
پر مون ھيئن ٻڌو
يا پڙھيو آهي…”
اھڙي سھڻي انداز ۾
ايڏو لکيو پڙهيو ھوندي به
ھو پنھنجو موقف
ائين اڻڄاڻ ٿي
برابري اپنائي
ڇو پيو رکي
مونکي ڪا به خبر ناهي…