ڪورونا وائرس جون ڳالهيون اڃا ڳائجن پيون. ماڻهو، ان کي وساري ڪونه سگھيا آهن. ان وقت جي ماحول کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي. ان جو ڊپ ماڻهن جي دلين مان ڪونه نڪتو آهي. هاڻ اوچتو وري ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ان، وائرس ٻيهر ڪر کنيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ به ان جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جن جي ڪري هتان جو عوام ڏاڍو پريشان ۽ مايوس نظر اچي ٿو. اهي اطلاع آهن ته سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ڄاڻايل وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. ڪيترائي ماڻهو ان وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. جنهن ڪري ان جي وڌڻ جي انديشي ۽ خدشي کي رد ڪري نه ٿو سگھجي. طبي ماهرن جي رپورٽ مطابق اسپتالن ۾ جيڪي مريض اچي رهيا آهن. جن کي زڪام، کنگهھ ۽ بخار جي تڪليف ٿي آهي. انهن مان 25 سيڪڙي کان 30 سيڪڙي تائين مريضن کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي. ماهرن جي هن بيان مان صاف ظاهر آهي ته زڪام، کنگھ ۽ بخار ۾ مبتلا ماڻهو کي ڪورونا هئڻ جو خطرو ٿي سگھي ٿو. اهي ڪورونا وائرس جون نشانيون آهن. هاڻ جنهن به ماڻهو کي اهي تڪليفون ۽ شڪايتون هجن ته هو، في الفور ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪرائي. ڊائو اسپتال ڪراچي جي وبائي مرضن جي ماهر، پروفيسر سعيد خان موجب، ڏهن کان ٻارهن سيڪڙو مريضن ۾ انفلوئنزا، پنجن کان ڏهه سيڪڙو ٻارن ۾ ساهه جي نالين جي انفيڪشن جي تصديق ٿي رهي آهي. ان کان علاوه سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ هن وائرس جي انفيڪشن جا روزانه 150 کان 200 مريض پهچي رهيا آهن. جڏهن ته ٻين خانگي اسپتالن ۽ ننڍين اسپتالن ۾ انهن مريضن جو تعداد ان کان الڳ آهي. طبي ماهرن مذڪوره مريضن جي تعداد ۾ واڌ جو به اشارو ڏنو آهي ۽ ان تي نشويش جو اظهار پڻ ڪري رهيا آهن. مريضن جي واڌ مان ائين ٿو لڳي ته، خطري جي گھنٽي وڄي چڪي آهي. اهو مرض ڪراچي مان نڪري سنڌ جي ٻين شهرن ۽ علائقن تائين به پکڙجي سگھي ٿو. تنهن کان سواءِ ملڪ جي ٻين صوبن تائين به پهچڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪندو. ان امڪان ۽ خدشي کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگهجي.
ياد رهي ته، ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، بين الاقوامي خابرو ادارن اهي خبرون ڏيڻ شروع ڪيون هيون ته، چين ۾ ڪورونا وائرس جهڙو هڪ ٻيو خطرناڪ وائرس پيدا ٿيو آهي. جيڪو سڄي ملڪ ۾ پکيڙجي پيو. اهڙيون خبرون ميڊيا تي اچڻ لڳيون. ان سبب جي ڪري چين حڪومت، ان ڏس ۾ سخت حفاظتي اپاءَ وٺڻ جو اعلان ڪيو. جنهن تي باقاعده عمل پڻ ڪيو پيو وڃي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون پيون وڃن. چين ۾ ان وائرس جو چوٻول متل آهي ته ٻئي طرف ڪراچي جي صورتحال به تشويشناڪ ٿيندي پئي وڃي. جنهن تي ماڻهن کي ڳڻتي وڌندي پئي وڃي. اها به حقيقت آهي ته ڪراچي هڪ ڳٽيل ۽ گھاٽي آبادي وارو شهر آهي. جتي اهو وائرس وڌي پيو ته ان تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت لاءِ وڏو مسئلو ٿي ويندو. جيڪڏهن هن وقت ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو ته حالتون ٺيڪ ٿي سگھن ٿيون. ٻئي حالت ۾ ان وبائي مرض کي روڪڻ لاءِ ڏکيائيون پيش اچي سگھن ٿيون. ان، ڳالهه کي حڪومت ئي محسوس ڪري سگھي ٿي ۽ وبا کان بچڻ لاءِ اهائي مناسب، موزون ۽ معقول انتظام ڪري سگھي ٿي.
هن وقت بيان ڪيل وائرس صرف ڪراچي ۾ ظاهر ٿيو آهي. اڃا شروعات آهي. ٻين علائقن ۾ پکيڙجڻ جي خطري کي رد ڪري نه ٿو سگھجي. ان لاءِ سرڪار سڳوري کي اپاءَ وٺي ان جي پکيڙ کي روڪي سگھجي ٿو. جيئن ماضي ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ لاءِ قدم کنيا ويا هئا ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو هو. بلڪل اهڙي طرح هن ڀيري به احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ لاءِ عوام کي پابند بنايو وڃي. ان کان علاوه اينٽي وائرس ويڪسين لڳائڻ جو سلسلو به شروع ڪيو وڃي. ماسڪ پائڻ به لازمي هئڻ گھرجي. اهي ۽ ان کان علاوه ٻيون جيڪي به احتياطي تدبيرون هجن سي سختي سان لاڳو ڪيون وڃن. ڪراچي ۾ ان وائرس تي ڪنٽرول ٿي ويو ته اهو ٻين علائقن، شهرن ۽ ڳوٺن تائين پکيڙجي ڪونه سگھندو ۽ ڄاڻايل وائرس جو خاتمو ممڪن ٿي پوندو. عوام مان بي چيني، مايوسي ۽ پريشاني ختم ٿي ويندي. وائرس مان ٿيندڙ تقصانن جو به اثر ماڻهن تي ڪونه پوندو ۽ هتان جو عوام جاني توڙي مالي نقصان کان بچي سگھندو. ان لاءِ عوام کي به سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ۽ طب جي ماهرن جي مشوري تي عمل ڪري هن مصيبت مان جان ڇڏائي سگھجي ٿي. هڪ طرف ڊاڪٽرن جي مٿئين بيان ماڻهن کي منجهائي وڌو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو وائرس ٻيهر پکڙجڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته، عوام کي گھٻرائڻ جي ضرورت ڪونه آهي. ڪراچي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي متعلق سندس اهم بيان سامهون اچي ويو آهي. جنهن سان مايوس ٿيندڙ ماڻهن کي سهارو ۽ دلداري ملي ٿي. تفصيل موجب صحت جي صوبائي وزير غذرا پيچوهو ڪورونا وائرس پکيڙجڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته، ڄاڻايل غلط خبرون پريشاني پيدا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ماڻهو پريشان نه ٿين. اها وبا ڪونه پئي پکيڙجي سڄي دنيا مان ڪورونا وائرس ختم ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته، زڪام جي مريضن جون احتياطي طور ٽيسٽون ڪرايون ويون آهن. هڪ سو مرضن جون اهي ٽيسٽون ڪيون ويون. جن مان صرف ست ٽيسٽون هاڪاري آيون آهن. متاثر مريضن ۾ ڪورونا وائرس جا معمولي ٿورا اثر هئا. هن وڌيڪ چيو ته، سڄي دنيا ۾ ڪورونا هاڻ موسمي زڪام جهڙو مرض آهي. جنهن تي گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، سندس اهڙي بيان اچڻ کان پوءِ، پيدا ٿيندڙ وهم ڪافي حد تائين گھٽجي ويا آهن. الله تعاليٰ شال انهي بيان کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ۽ جيڪو ماڻهن ۾ خوف آهي سو نڪري وڃي ۽ غير يقيني ماحول ختم ٿئي. ظاهري ڳالهه آهي ته، سندس بيان حالتن کي نظر ۾ رکندي پوءِ جاري ٿيو آهي. جيڪو حقيقتن تي ٻڌل آهي. تنهن هوندي به احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان ڪو نقصان ڪونه ٿيندو. پر، فائدو ئي حاصل ڪري سگھجي ٿوهن وقت سياري جي موسم آهي. سردين ۾ زڪام، کنگهھ ۽ بخار جون شڪايتون عام هونديون آهن. هر ماڻهو جو نڪ پيو وهندو آهي. مٿي جو سور ۽ ڳلي ۾ انفيڪشن جي تڪليف ۾ به گھڻا ماڻهو مبتلا ٿيو وڃن ٿا. هاڻ، ٻڌايو پيو وڃي ته جنهن کي اهڙيون تڪليفون هجن ته هو، ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪرائي. پر، اسان انهن بيمارين جو جيڪو هر سال علاج ڪرائيندا آهيون. سو اهو هن سال به ڊاڪٽرن ۽ ويڄن جي مشوري سان برقرار رکون. باقي وائرس جي خطري کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي