پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي ڏهاڙي گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ)وفاقي حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي ڏهاڙي گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ لاءِ  ايڊوائيزري صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، ايڊوائيس جمعي جي ڏينهن 10 وڳي گهرائڻ جي موڪلي وئي آهي، گڏيل اجلاس ۾ مختلف قانون پاس ڪيا ويندا، اهي قانون ٻنهي ايوانن مان منظور نه ٿيڻ تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرايا ويندا، وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽرن کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هدايتون جاري ڪندي چيو ته سڀ ميمبر پنهنجي حاضري گڏيل اجلاس ۾ هر صورت ۾ يقيني رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.