اسلام آباد (انصار عباسي/ م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته بئريسٽر گوهر آرمي چيف سان ملاقات بابت اڳ هڪ بيان ڏنو، پوءِ ٻيو بيان ڏنو. بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي. آرمي چيف بئريسٽر گوهر سان ملاقات ۽ ٿيل ڳالهين بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. ٻئي پاسي ذريعن موجب حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي ته آرمي چيف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن وچ ۾ اڻ رٿيل ملاقات ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، انهن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. ان ملاقات ۾ آرمي چيف پي ٽي آءِ اڳواڻن کان سندن پارٽي جا مسئلا ٻڌا ۽ پوءِ چيو ته هو انهن معاملن ۾ نه پوندو. آرمي چيف پي ٽي آءِ اڳواڻن کي چيو ته حڪومت سان سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وڃن.