ٽن ججن کي بينچ اختيارن جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ تي خدشا ۽ اعتراض

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي ججن، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس عائشا ملڪ، ۽ جسٽس عقيل عباسي، چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس امين الدين کي خط لکي بينچ اختيارن بابت ڪيس مقرر نه ٿيڻ تي اعتراض ڪيو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته 13 جنوري تي ڪيس بينچ سامهون مقرر هو، پر 16 جنوري تي ٻيهر بينچ قائم ڪئي وئي. جسٽس  عقيل عباسي جو فيصلو ٻڌايو ويو ته هو لاڳاپيل ڪيس نه ٻڌي سگهيو. 20 جنوري تي ڪيس مقرر ڪرڻ جي هدايت باوجود ڪيس مقرر نه ٿيو. خط ۾ عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ عدليه جي آزادي بابت خدشا ظاهر ڪيا ويا. جسٽس منصور خط ۾ چيو آهي ته ڪيس کي مقرر نه ڪرڻ عدالتي حڪم جي نافرماني جي برابر آهي. خط ۾ هن معاملي کي توهين عدالت قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.