فاپواسا يعني فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئشن سنڌ حڪومت جي ان فيصلي خلاف ڪالهه ۽ اڄ يونيورسٽين جا ڪلاس بند ڪري احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت يونيورسٽين جي وائيس چانسلر واري عهدي تي بيرو ڪريٽس به مقرر ڪري سگهجي ٿو. ترجمان موجب حڪومت جيستائين بيرو ڪريٽس کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه وٺندي تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو. فاپواسا جي ترجمان پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان سڀني استادن، شاگردن، سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ صحافي برادري کي اپيل ڪريون ٿا ته هن جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏين. هي رڳو استادن جي حقن لاءِ نه پر سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي تحفظ لاءِ هڪ جنگ آهي.فاپواسا سنڌ چيپٽر جي صدر پروفيسر اختيار گهمرو چيو آهي ته سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين کي درپيش شديد بحرانن ۽ حڪومت جي غير آئيني پاليسين تي ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا.تعليمي نظام جيڪو ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنياد هوندو آهي سو انتهائي خراب حالت ۾ آهي تنهن کي بهتر ڪرڻ ۽ يونيورسٽين جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اچو ته گڏجي ڪم ڪريون.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته انفرادي توڙي اجتماعي ۽ سماج کان ملڪن جي سطح تائين اصل ۾ تعليم ئي ترقي ۽ خوشحالي توڙي غربت مان ڪڍڻ جو پهريون ۽ بنيادي ڏاڪو آهي تنهن ڪري تعليم کي گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي پر پنهنجي ملڪ اندر وري حيرت انگيز طور تي تعليم کي ئي بيدردي سان نظرانداز ڪيو ويندو آهي ۽ اڃان به ائين چئجي ته خود حڪومتي سطح تي تعليم دشمن پاليسيون اختيار ڪيون وينديون آهن جن مان هڪ هيءُ يونيورسٽين جي چانسلر واري عهدي تي ڪامورن جي مقرري وارو فيصلو آهي. جنهن خلاف يونيورسٽين جا استاد ۽ شاگرد سراپا احتجاج آهن.
اصل ۾ لڳي ائين ٿو ته حڪومت وائيس چانسلري کي ايڊمنسٽريشن تائين محدود ڪرڻ چاهي ٿي يا ايڊمنسٽريشن جي اوٽ ۾ حڪمران جماعتون پنهنجا ماڻهو مقرر ڪرڻ گهرن ٿيون جڏهن ته پيشه ور طريقي ڪار تحت تعليم ۽ قابليت جي گهرجن تحت ان عهدي تائين پهچڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻاهران ڪامورا يا ايڊمنسٽريشن گهرائي وي سي مقرر ڪبا ته پوءِ يونيورسٽين جا ليڪچرار ۽ پي ايڇ ڊي تعليم دان ڪيئن اڳتي وڌي ترقي ڪندا ۽ يونيورسٽين جا سربراهه ٿيندا. سو حڪومت ڪامورن کي يونيورسٽين جي تعليمدانن جي حقن تي ڌاڙو ۽ انهن جو تمام وڏو استحصال آهي. تعليم جو شعبو تعليم دانن کي ئي سونهين ٿو.تنهن ڪري يونيورسٽين جي آئين، قانونن ۽ قاعدن تحت فيصلا ٿيڻ گهرجن ۽ آئين، قانون ۽ قاعدن جي حد ۾ رهي ڪري حڪومتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان ڪو بحران به پيدا نه ٿيندو پر جڏهن حڪومت هڪڙن خسيس مفادن ڪري غلط آئين سازي ڪندي آهي ته ان جا نتيجا به خراب نڪراندا آهن.
هاڻي جڏهن يونيورسٽين جا استاد مٿي ڄاڻايل فيصلي جي خلاف آهن ۽ سراپا احتجاج آهن ته جمهوري اصول ۽ ان جي روح جي تقاضا اها آهي ته حڪومت پنهنجي ان غير آئيني فيصلي کي واپس وٺي اهو ان ڪري به جو اهو عام ماڻهن جو احتجاج ناهي پر اعليٰ تعليمي ادارن جي اعليٰ تعليم يافته پي ايڇ ڊي هولڊر ڊين آف فيڪلٽيز جي پروفيسرن ۽ ڊاڪٽرن جو احتجاج آهي سو حڪومت کي يونيوسٽين بابت ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ پهرين ته يونيورسٽي جي پروفيسرن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ۽ پوءِ ئي ان جو اعلان ڪرڻ گهرجي. ايئن نه ڪيو ته پوءِ ائين ئي ٿيندو جيئن ٿي رهيو آهي يعني هڪدم يونيورسٽين اندر بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب تعليم کي ٻُنجو اچي ويو آهي، پروفيسر ڪلاس اٽيڊ ڪرڻ بدران حڪومت جي ان غير آئيني ۽ فضول قسم جي فيصلي خلاف روڊن تي احتجاج ڪرڻ لڳا آهن جنهن جي ذميوار ظاهر آهي ته حڪومت آهي.
اسان جو خيال آهي ته ڪنهن به حڪومت کي غير ضروري ۽ غير آئيني طور تعليمي ادارن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ان کي ان ڏس ۾ پنهنجي آئيني دائري ۾ رهڻ گهرجي ۽ هر معاملي ۾ رڳو پارٽي مفادن کي نه ڏسڻ گهرجي پر تعليمي ادارن جي بهتري بابت سوچڻ گهرجي. يونيورسٽين ۾ وي سيز ۽ پروفيسرن جي مقرري جا جيڪي آئيني ۽ قانوني اصول ۽ قائدا آهن تن کي عالمي معيار تحت ڏسڻ گهرجن پر سياسي فيصلا نه ڪرڻ گهرجن. يونيورسٽين جا وي سي تمام اعليٰ تعليم يافته، ويندنري، تعليم دان هئڻ گهرجين .
اسان وٽ انهن معاملن کي صرف انتظامي ڪرت تائين محدوم سمجهيو ويندو آهي جيڪو غلط آهي ڪامورن ۽ رٽائرڊ فوجين ۽ ججن کي غير واسطيدار ادارن ۾ سربراهه مقرر ڪري ئي ادارن جي ڀينگ ڪئي وئي آهي. مثال طور هاڪي ۽ ڪرڪيٽ ۾ رٽائرڊ فوجين يا ڪامورن جو ڪهڙو ڪم پر انهن ڪامورن کي سربراهه بڻائي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي کي تباهه ڪيو ويو آهي. هاڻي به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين حڪومت جو گهرو وزير محسن نقوي آهي جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو سمجهيو ويندو آهي. ان کان اڳ ۾ زراعت شعبي جي ذڪاءَ اشرف، نامياري صحافي نجم سيٺي کي ڪرڪيٽ ٽيم جو چيئرمين بڻايو ويو جنهن سبب پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پروفيشنل ٽيم نه بڻجي سگهي آهي نه ئي ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجن پيرن تي بيهي سگهيو آهي.
ايئن يونيورسٽين جون پنهنجيون تقاضائون آهن، جيڪي يونيورسٽين جي آئين، قانون ۽ قائدن ۾ موجود آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان تعليمي نظام کي جديد تعليم تقاضائن تحت اپ ديٽ ڪجي ۽ عالمي معيار جي گهرجن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪجي. يونيورسٽين جي وائيس چانسلري کي ڪامورن جي نذر نه ڪرڻ گهرجي پر يونيورسٽين جي طريقي ڪار موجب وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ گهرجي جنهن جي اسان حمايت ڪريون ٿا. يونيورسٽي جي پروفيسرن جي بقول سندن حقن هن جي آئيني جنگ ۾ سڀني کي سندن ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ حڪومت کي مجبور ڪيو وڃي ته اها يونيورسٽين ۾ بيرو ڪريٽ کي وي سي مقرر ڪري سگهڻ وارو فيصلو واپس وٺي ٻي صورت ۾ ٻين ادارن وانگر يونيورسٽين جو تعليمي معيار به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويندو .