غوثپور( رپورٽ عبدالجبار اوڳاھي)غوثپور ضلعي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بھتري نه آئي،گذريل ٽن سالن کان ھلندڙ ڏوھارين جون ڪارروايون ڪشمور پوليس بند ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي، ھڪ معصوم ٻار سميت ڏھ کان وڌيڪ مغوي ڪچي جي ڏوھارين وٽ باندي بڻايل آھن، جنھن ۾ معصوم نينگر رافع ملڪ،تنگواڻي واسي شڪيل بھلڪاڻي، لياقت بھلڪاڻي، گل حسن کوسو،مورزادو کوسو،ڪشمور واسي چوڌري راجيش ڪمار،علي حسن کوسو، شڪارپور واسي محمدعلي سنجراڻي ۽ غوثپور واسي ضمير ميراڻي شامل آھن۔ بدامني جي حالت اھا آھي جو نه عوام روڊ تي محفوظ آھي ۽ سفر ڪري سگھي ٿو نه ئي ڪاروبار تي ويھي سگھي ٿو جو ڏوھاري جھڙي وقت چاھين ٿا ۽ جنھن مھل چاھين ٿا آساني سان لکين روپيه ڦر ڪري وڃن ٿا ڪير به انکي روڪڻ وارو ناھي۔پوليس جي رٽ بلڪل ئي ختم ٿي وئي آھي،ڪشمور بڊاڻي بخشاپور ڪرمپور ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شھرن مان ھندو برادري سان لاڳاپو رکندڙ واپاري طبقو لڏ پلاڻ ڪري رھيو آھي جنهن سبب آباد شھر ويراني جو ڏيک ڏيئي رھيا آھن.