پي ايس ايل 10: پي سي بي پرڏيهي ڪرڪيٽرن تي پئسن جو مِينهن وسائڻ لاءِ تيار

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل 10 کيڏندڙ ڇهن هاءِ پروفائل پرڏيهي رانديگرن کي هڪ لک ڊالر اضافي رقم ادا ڪندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پرڏيهي رانديگرن کي واڌو رقم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي خاص فنڊ ۾ ادا ڪئي ويندي.
ان کان اڳ پي ايس ايل ڊرافٽ دوران پي سي بي فرنچائز لاءِ هر پرڏيهي رانديگر کي خريدڻ جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت ٻه لک ڊالر مقرر ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڪجهه سال اڳ پي ايس ايل جي گورننگ ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ته جڏهن سينٽرل پول جو نيٽ براڊڪاسٽ ريونيو ٽي ارب رپين تائين پهچي ويندوي ته ايليٽ رانديگرن جي ادائيگي لاءِ ساليانو پنج لک ڊالر مختص ڪيا ويندا.
رپورٽ موجب، گذريل سال واڌو رقم استعمال نه ٿي سگهي هئي جنهن سبب اِها رقم وڌي هڪ ملين ٿي وئي آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي ان فنڊ جو استعمال ڪجهه هاءِ پروفائل رانديگرن جي ادائيگي ۾ مدد لاءِ ڪندي جن پليئرز ڊرافٽ دوران صحيحون ڪيون هيون.
پي ايس ايل کيڏندڙ پرڏيهي رانديگرن ۾ ڊيوڊ وارنر، ڊيرل مچل، ڪين وليمسن، ڪوربن بوش، مائيڪل بريسويل، رسي وين ڊر ڊوسن، فن ايلن، ميٿيو شارٽ، شان ايبٽ، ناهيد رانا ۽ ليٽن داس شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.