شوٽنگ دوران زخمي ٿيندڙ مشهور ڀارتي ولن دم ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد دکن(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو ليجنڊري اداڪارا وجايا رنگارا ستر ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ هڪ هفتو اڳ وجايا رنگارا هڪ فلم جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو هو.
اداڪار کي حيدرآباد کان چنائي منتقل ڪيو ويو پر اڄ هو اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هن پونئرن ۾ ٻه نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.
ڀارتي اداڪار، تيلگو، تامل، ڪنڙا ۽ مليالم انڊسٽري جي ڪيترن ئي فلمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا ۽ گهڻي قدر فلمن ۾ ولن جي ڪردار ۾ نظر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.