شادي کان بچڻ لاءِ نوجوان جو پاڻ کي گولي هڻي ڦر مزاحمت تي زخمي ٿيڻ جو ڊرامو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو، جتي هڪ شخص شادي کان بچڻ لاءِ ڦر جي ڪوڙي ڪهاڻي ٺاهي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي.
رپورٽ موجب ڊي آءِ جي آپريشنز جي ترجمان ٻڌايو ته واقعو لاهور جي علائقي سبزا راز ۾ پيش آيو، پوليس کي اطلاع مليو ته ڦر جي واقعي ۾ علي حيدر نالي شخص گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو آهي.
ڊي آءِ جي آپريشنز نوٽيس وٺندي ايس ايس پي آپريشنز جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم کي 24 ڪلاڪن ۾ حقيقت جو پتو لڳائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ پوليس انڪوائري شروع ڪئي ۽ فوري طور تي حقيقت سامهون اچي وئي.
جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته علي حيدر سڄو ڊرامو پاڻ ڪيو، شادي لاءِ گهر ڀاتين جي دٻاءَ کان بچڻ جي ڪوشش ۾ هن پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي ۽ پوليس کي ڪوڙو اطلاع ڏنو ته ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿيو آهي.
پوليس علي حيدر کي حراست ۾ ورتو ته هن حقيقت تان پردو کڻي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.