اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني انب کائيندڙ ملڪن جا تفصيل پيش ڪيا ويا.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال گذريل 5 سالن ۾ انبن جي برآمدن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا.
نويد عامر جي سوال تي پنهنجي لکت جواب ۾ ڄام ڪمال چيو ته ميون جو بادشاهه انب پاڪستان جي زرعي برآمدن ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.
هن چيو ته برطانيا پاڪستاني انب خريد ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي برطانوي شهرين 6 مهينن ۾ 17.97 ملين ڊالرن جا انب کاڌا.
ان کانسواءِ پاڪستاني انب پسند ڪندڙ ملڪن ۾ گڏيل عرب امارتون، اومان، جرمني، ڪينيڊا، افغانستان، قطر ۽ سعودي عرب شامل آهن.
You might also like