”آءِ پي ايل کيڏو پي ايس ايل نه!“ انگلش ڪرڪيٽر پنهنجي بورڊ جي ٻٽي معيار تي سوال اُٿاري ڇڏيا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽر جيمز ونس پي ايس ايل ۽ آءِ پي ايل لاءِ ڌار قانون تي ملڪي ڪرڪيٽ بورڊ جي ٻٽي معيار تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ بيان ۾ جميز ونس جو چوڻ هو ته پي اي ايل مختصر دورانيي جي ٽورنامينٽ آهي، جتي کيڏڻ سان رانديگرن جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ متاثر نٿي ٿئي، آءِ پي ايل ڊگهي ٽورنامينٽ آهي، ڊوميسٽڪ پليئرز جي ان ۾ شموليت غلط آهي.
جيمز ونس انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي ٻٽي معيار تي سوال اُٿاريندي چيو ته جڏهن ڊوميسٽڪ پليئرز آءِ پي ايل کيڏڻ جي اجازت آهي ته پي ايس ايل تي اعتراض ڇو؟
هن چيو ته جيڪڏهن پي ايس ايل ڊرافٽ ۾ وڌيڪ انگلش پليئرز پِڪ ٿين ها ته ٻيا به رانديگر انگلش بورڊ جي پاليسين سبب ڊوميسٽڪ ريڊ بال ڪانٽريٽ تان هٿ کڻي وڃن ها، پر پي ايس ايل فرنچائزز اين او سي مسئلي سبب انگلش ڪرڪيٽرن کي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو.
جيمز ونس جو چوڻ هوته ايِ سِي بِي جي نئين پاليسي انگلش ڪرڪيٽرن لاءِ مددگار ثابت ناهي ٿي رهي.
ياد رهي ته انگلش بيٽر جيمز ونس تازو ئي پي ايس ايل خاطر پنهنجو ريڊ بال ڪانٽريڪٽ ختم ڪري چڪو آهي.
جيمز ونس پي ايس ايل لاءِ انگلش فرسٽ ڪلاس سيزن کي الوداع چئي ڇڏيو آهي ۽ هو هلندڙ سال رڳو همشائر طرفان وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏندو، جيمز ونس ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ همشائر جي قيادت تان به هٿ کڻي ورتو آهي.
انگلش بيٽر پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.