راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل مان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي سندس خلاف ٻڌايل فيصلو عدليه جي ساک کي سخت متاثر ڪيو آهي ۽ ان فيصلي مان انصاف ۽ غيرجانبداري جي کوٽ واضح نظر اچي رهي آهي، پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل عمران خان جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نه ته ڪنهن کي فائدو ٿيو ۽ نه ئي حڪومت کي ڪو نقصان پهتو، عمران خان جو چوڻ هو ته هو ڪنهن به رعايت جو خواهشمند نه آهيان ۽ سڀني ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، عمران خان پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪاررواين بابت نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته سندس خلاف هڪ ڊڪٽيٽر سرگرم آهي. جيڪي ان آمر جا مخالف آهن، انهن کي سزا ڀوڳڻي پئي ٿي، عمران خان پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي بابت چيو ته هوءَ هڪ گھريلو عورت آهي ۽ سندس سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي، پر سندس خلاف جعلي ڪيس ٺاهيا ويا ۽ کيس ڦاسايو ويو، هن الزام لڳائيندي چيو ته بشريٰ بي بي کي سزا ڏيڻ جو مقصد کيس (عمران خان کي) جذباتي طور تي مڇرائڻ جي ڪوشش آهي.