بدين/ گولاڙچي(رپورٽ:رازق ڏنو کوسو+ عيدن زيندپور ) سنڌو درياھ تي ڪو به ڪينال منظور ناھي ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پارليامينٽ اندر ڪينالن جي سخت مخالفت ڪئي آھي اسان درياهه کي پنھنجي ساھ رڳ سمجھون ٿا ۽ ان جي حفاظت ڪندا سين اھڙن خيالن جو اظھار پي پي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن دانشورن ۽ وڪيلن شھيد فاضل راھو جي ورسي جي موقعي تي ھڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو پي پي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھ شھيد فاضل راھو جي راھوڪي ۾ ٿيل 38 ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي ماڻھو چون ٿا پيپلز پارٽي سنڌ جي غدار ۽ اسين سنڌ جا وفادار آھيون اھي پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسن ھن وڌيڪ چيو سنڌ جو پاڻي ۽ سنڌو درياھ اسان جي بقا ۽ غيرت آھي جنھن تي پيپلز پارٽي ڪڏھن بہ سودو نہ ڪندي. جيڪي پيپلز پارٽي جا مخالف چون ٿا ته صدر آصف زرداري ڪئنالن جي منظوري ڏني آھي اھي ثابت ڪن يا اھڙي اجازت نامي جو ڪاغذ ڏيکارين. ھن ڪنھن جو نالو کڻن کان سواءِ چيو ته تازو روحاني دورا ٿيا جنھن ۾ جي ڊي اي جو سربراھ موجود ھو ھن ڪٿي به ڪئنالن جي مخالفت نه ڪئي پر ادارن جي احترام ڪرڻ جي ھدايت ڪندو رھيو. ھن چيو ته ڪئنالن جو منصوبو وفاقي سرڪار رد نه ڪيو ته پيپلز پارٽي ان خلاف دمادم مست قلندر ڪندي. اسماعيل راھو پنھنجي خطاب ۾ چيو ته شھيد فاضل ڪنھن ھڪ خوبي جو نہ پر گھڻين خوبين ۽ خاصيتن جو مجموعو ھو ـ ھن چيو ته سنڌ جي حقن ۽ پاڻي تي ڌاڙي جي سازش ڪا پھرين سازش نه آھي اڳ ۾ ٿيون آھن ۽ اڳيان به ٿينديون رھنديون ، پيپلز پارٽي سنڌ جي حقن جي ڌاڙي تي ڪڏھن خاموش نه ويھندي اسين شھيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ شھيد فاضل جي مزارن اڳيان ۽ اوھان عوام اڳيان جوابداھ آھيون. جيڪي پارٽيون صوبائي حڪومت خلاف ڳالھائين ٿيون اھي ڪئنالن جي منصوبي کي ختم ڪرڻ لاء وفاقي حڪومت خلاف ڇو نہ ٿيون احتجاج ڪن. اسماعيل راھو چيو صدر آصف زرداري ارڙھين ترميم پاس ڪري شھيد فاضل راھو ،شھيد بينظير ڀٽو، رسول بخش پليجو سميت ٻين سياسي اڳواڻن جو خواب پورو ڪيو آھي جن سدائين صوبائي خودمختياري جي گھر ڪئي ھئي. ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو ـ ڊاڪٽر دودو مھيري ايم پي اي مير الھ بخش ٽالپر، ايم پي اي تاج محمد ملاح ـ ايم پي اي شام سندر آڏواڻي. ڊاڪٽر سجاد چانڊيو، غفور نظاماڻي ـ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، محمد اسلم راھو، خليل قاضي ـ شھيد فاضل جي نياڻي شھناز راھو ـ ايڊوڪيٽ سليمان ڏاھري ـ جونيئر محمد فاضل راھو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد فاضل راھو سدائين عوامي حقن حقيقي جمھوريت ھارين ۽ مزدورن لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو. شھيد فاضل راھو جي ورسي جي موقعي تي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنھنجي جاري ڪري بيان ۾ چيو آھي ته شھيد فاضل راھو کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، شھيد فاضل راھو مزاحمت جي علامت ھو، ۽ ھارين جي حقن جو علمبردار ھو، سندس غير معمولي ڪردار کي آئون سلام پيش ڪريان ٿو.
c