اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان آرمي چيف سان پشاور ۾ پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر جي ٿيل ملاقات کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ باني صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران بئريسٽر گوهر ۽ آرمي چيف جي ملاقات بابت سوال تي پهريان ترديد ڪندي معاملي بابت اڻڄائي جو اظهار ڪيو، پر پوءِ عمران خان بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته آرمي چيف سان ملاقات سٺو سنئوڻ آهي، جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه شروع ٿي آهي ته اهو ملڪ لاءِ سٺو آهي، اسان به ڳالهين جا خواهشمند هئاسين، هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي اسان سان ڳالهيون ڪرڻ کپن، مان ڪڏهن به نه چيو ته ڳالهيون نه ٿينديون، هميشه ڳالهين لاءِ در کليل رکيا، پر ٻئي پاسي کان در بند رهيا، هاڻي جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي آهي ته ان ۾ پاڪستان جي استحڪام بابت ڳالهيون ٿينديون،