پي ٽي آءِ جا لکت ۾ 22 مطالبا،آرمي چيف سطح تي ڳالهيون نه پيون ٿين:وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ+عاصمه شيرازي) حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين اجلاس ۾ تحريڪ انصاف لکت ۾ مطالبا حڪومت حوالي ڪندي ٻه عدالتي ڪميشنون قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،  ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين وارين ڪميٽين جو ٽيون اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ حڪومتي ڪميٽي جي اسحاق ڊار، عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، خالد مقبول صديقي ۽ ٻين ميمبرن، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان عمر ايوب، اسد قيصر، علي امين گنڊاپور، علامه ناصر عباس ۽ صاحبزاده حامد رضا شرڪت ڪئي، اجلاس دوران مطالبن جي مسوڊي تي ڇهن ئي ميمبرن صحيحون ڪيون، جنهن کانپوءِ عمر ايوب مطالبن جي لسٽ  قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق کي پيش ڪئي، مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس يا سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي ٻڌل ٻه جاچ ڪميشن قائم ڪيون وڃن، ڪميشن جي ججن جي مقرري تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي راضپي سان ستن ڏينهن ۾ ڪئي وڃي، لکت واري مطالبن موجب، ڪميشن پي ٽي آءِ باني جي نو مئي بابت گرفتاري جي جاچ ڪري، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رينجرز ۽ پوليس داخل ٿيڻ جي جاچ ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري کانپوءِ نو مئي واقعن جي سي سي ٽي وي وڊيو جي جاچ ڪئي وڃي، مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي سان لاڳاپيل ميڊيا تي سنسرشپ لڳائي وئي ۽ صحافين کي هيسايو ويو، ڪميشن سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ ڊائون جي جاچ ڪري ذميوارن جو پتو لڳائي، لکت واري مطالبن موجب، ٻئي جاچ ڪميشن 24 کان 27 نومبر جي واقعن، اسلام آباد ۾ مظاهرين تي فائرنگ ۽ طاقت جي استعمال جو حڪم ڏيندڙن جي سڃاڻپ، شهيدن ۽ زخمين جي انگ تي اسپتال ۽ ميڊيڪل سهولتن جي سي سي ٽي وي رڪارڊنگ جي جاچ ڪري، ڪميشن ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ ۾ پيش ايندڙ ڏکياين ۽ ميڊيا سنسر شپ جي واقعن جي جاچ ڪري، لکت واري مطالبن موجب، وفاقي ۽ پنجاب حڪومت سميت سنڌ توڙي بلوچستان حڪومتون سمورن سياسي قيدين کي ضمانت يا سزائن جي معطلي جا حڪم جاري ڪن، ٻنهي ڪميشن جي ڪارروائي عوام ۽ ميڊيا لاءِ کليل هئڻ گهرجي.اجلاس جي پڄاڻي تي اسپيڪر چيو ته اڄ خوشگوار ملاقات ٿي آهي، سينيٽر عرفان صديقي پڌرائي پڙهي ٻڌائي ۽ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجا مطالبا پڙهي ٻڌايا، مطالبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي پاسن کان هڪ رستو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ عمران خان سان ملاقات جو مطالبو ڪيو آهي، حڪومتي ڪميٽي عمران خان سان ملاقات لاءِ ڪوششون ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. حڪومتي ڪميٽي 7 ڏينهن اندر اپوزيشن جي ڳالهين بابت لکت ۾ بيان جمع ڪرائيندي، ڳالهيون صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، اجلاس بعد وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثنااالله  سينيٽر عرفان صديقي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم اپوزيشن جي لکت واري مطالبن جي جواب لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، ڪميٽي ۾ پ پ سميت سمورا اتحادي شامل آهن، جڏهن ته مطالبن تي حڪومتي ڪميٽي جو جواب حتمي هوندو، راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جا مطالبا پروپيگنڊا کانسواءِ ڪجهه به نه آهن، پي ٽي آءِ جو چارٽر آف ڊيمانڊ ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ۽ انهن مطالبن جو ڪو به جواب ناهي، پي ٽي آءِ نه تفصيل ڏنا آهن ۽ نه ڊيٽا فراهم ڪئي آهي، جيڪي مطالبا ڪيا آهن انهن تي اڳ ئي جاچ ٿي چڪي آهي، ان ڪري ان تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو ڪو جواز ناهي، پي ٽي آءِ جي مطالبن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪن، خاص ڪري اها ڳالهه قابل مذمت آهي ته هنن دنيا ۾ اسان جي ادارن ۽ رياست خلاف ڀرپور پروپيگنڊا ڪئي پر اڄ به انهن وٽ ڪي تفصيل ناهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي مينڊيٽ واري مطالبي تان  هٿ کڻي وئي آهي، سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اپوزيشن مطالبن بدران حڪومت خلاف چارج شيٽ پيش ڪئي، جڏهن ته مخالف ڌر جي مطالبي تي پي ٽي آءِ جي باني سان جلد ملاقات ٿي ويندي، انهن مطالبا پيش ڪرڻ ۾ 42 ڏينهن لڳايا، ٻئي پاسي راڻا ثناءُ الله هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ وارا آرمي چيف جي پشاور واري اجلاس کي سياسي رنگ ڏئي رهيا آهن،اهو تاثر غلط آهي ته اتي به ڳالهين جي ڪوشش ٿي رهي آهي،اسان کي مليل اطلاعن مطابق اهو اجلاس امن امان جي سلسلي ۾ گهرايل هو،آرمي چيف جي سطح تي ڳالهيون شروع ناهن ٿينديون،فائنل ٿينديون آهن،هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن سياسي ڳالهين جي ڪوشش ڪئي پر اهي نه ٿي سگهيون،اهي چاهين ٿا ته چيف جسٽس ڊي چوڪ تي ڪرسي ميز لڳائي ويهي رهي،انهن وٽ لاپتا ۽ مارجي ويل ماڻهن جي ڪا به فهرست ناهي،اسان انهن جي هڪ هڪ مطالبي تي قانوني حيثيت جو جائزو وٺنداسين،انٽرنيٽ جي بندش ڇا چيف جسٽس جي انڪوائري جو معاملو آهي؟هوڏانهن ذريعن موجب پي ٽي آءِ ٻه نه 22 مطالبا پيش ڪيا آهن،اهو هڪ قسم جو اين آر او آهي،ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي سياسي اسيرن جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي،سڄي ملڪ مان گرفتار ڪارڪنن جي ضمانت ۽ سزائن جي معطلي جو به مطالبو شامل آهي،ذريعن موجب بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقات ۾ چيو ويو ته 9 مئي تي جيڪو ٿيو ان تي معافي تلافي تي وڃي سگهون ٿا

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.