عمري جي زائرين لاءِ نوان ظابطا جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سعودي صحت واري وزارت طرفان عمري جي زائرين لاءِ صحت جا اصول جاري ڪيا ويا آهن.
سعودي سول ايويئيشن گاڪا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، عمري جي زائرين لاءِ تمام ضروري ويڪسين ۽ احتياطي تدبيرون لازمي هونديون.
نوٽيفڪيشن ۾ مسافرن کي صحت جي دستاويزن سميت ويڪسين سرٽيفڪيٽ ساڻ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سڄي دنيا کان ايندڙ زائرين لاءِ ميننجائٽس ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي، سعودي عرب پهچندڙ زائرين کي ويڪسين سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻو پوندو.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان، نائيجيريا، افغانستان ۽ ٻين متاثر ملڪن کان ايندڙ زائرين لاءِ پوليو ويڪسين لازمي هوندي جڏهن ته انگولا، نائيجيريا، برازيل ۽ ڪانگو جي مسافرن لاءِ زرد بخار جي ويڪسين لازمي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صحت واري عالمي اداري جي سفارش تي ڪورونا ۽ موسمي فلو جي ويڪسين لازمي هوندي، جڏهن ته زائرين کي ٽٽنس، اُرڙي ۽ ٻين بيمارين جي ويڪسينيشن مڪمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.