اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي دوران پاڪ افغان سرحد وٽ افغان جاسوس مارجي ويو.
سڪيورٽي ذريعن موجب فورسز 11 جنوري تي افغانستان فرار ٿيندي افغان جاسوس کي ماري ڇڏيو، مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ محمد خان احمد خيل طور ٿي، 48 سالن جو دهشتگرد محمد خان عرف عبدالله افغان صوبو پڪتيڪا جو رهواسي هو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل افغان دهشتگرد وٽان افغان شناختي ڪارڊ پڻ هٿ آيو، هو افغان ڳجهي ايجنسي لاءِ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيو هو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد افغانستان مان هٿيار ۽ بارودي مواد پاڪستان ۾ دهشتگردن تائين سمگل ڪندو هو، سمگل ٿيل هٿيار پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ استعمال ٿيندا هئا.
Next Post
You might also like