حج پانڌيئڙن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ حج 2025 جو معاهدو طئي ٿي ويو.
سعودي حج وزارت موجب وفاقي وزير چوڌري سالڪ ۽ سعودي جي حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق الرَبيعه معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن تحت هلندڙ سال هڪ لک 79 هزار 210 پاڪستاني حج پانڌيئڙا حج جو فرض ادا ڪندا.
سعودي حج وزارت موجب، پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
حج کي سولو ۽ سهولت جوڳو بڻائڻ لاءِ 20 کان 25 ڏينهن جو مختصر حج پروگرام متعارف ڪرايو ويو آهي، پاڪستاني حاجين کي منيٰ ۾ خاص جاءِ ڏني ويندي ۽ اگهه پڻ گهٽ هوندا.
پانڌيئڙن کي مديني شريف ۾ 4 کان 8 ڏينهن جي رهائش جي چونڊ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، زائرين کي هڪ بيگ ملندو جنهن ۾ پاڪستاني جهنڊو ۽ شناخت لاءِ ڪيو آر ڪوڊ هوندو.
سعودي حج وزارت موجب، خاص موبائل ايپ تي حج پانڌيئڙن سموري ڄاڻ ملندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.