لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مستحق ۽ غريب ماڻهن لاءِ مفت زمين اسڪيم جلد متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاهور ۾ هائوسنگ اسڪيم جي افتتاحي تقريب دوران ٰ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته صوبي ۾ جن وٽ زمين خريدڻ جا پئسا ناهن، انهن کي مفت پلاٽ ڏنا ويندا.
هن چيو ته ’اپنا گهر، اپني ڇت‘ اسڪيم دنيا جي بهترين هائوسنگ اسڪيم آهي جنهن تحت سڄو سال هڪ لک گهر اڏڻ جو منصوبو آهي.
سندس چوڻ هو ته 15 لک رپين تائين بنا وياج آسان قرض ڏنو ويندو، ڪا به اسڪيم يا اسڪالرشپ هجي، ميرٽ کان ٻاهر ڪجهه ناهي ڪيو .
پنجاب وزيراعليٰ چيو ته جيئن مون پنهنجي ڊي سيز، ڪمشنرز ۽ پوليس لاءِ پرفارمنس انڊيڪيٽرز ٺهرايا آهن، ائين ئي نواز شريف پڻ منهنجي لاءِ پرفارمنس انڊيڪيٽرز ٺهرايا آهن، مون کي هر روز گهر وڃي کيس جواب ڏيڻو پوندو آهي.
Prev Post
You might also like