محبوبه کان رُٺل همراهه جي اُڏامندڙ جهاز مان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش!

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ همراهه پنهنجي گرل فرينڊ سان جهيڙي تي جهاز جو ايمرجنسي در کولي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اِهو واقعو جيٽ بليو فلائٽ 161 ۾ پيش آيو جتي هڪ شخص جهاز مان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽس موجب، فلائٽ ۾ موجود مسافرن ٻڌايو ته ڄاڻايل همراهه فون تي گرل فرينڊ سان جهيڙو ڪري رهيو هو ۽ جهيڙو ايترو وڌي ويو جو هو ڪاوڙ ۾ اُٿي بيٺو ۽ ايمرجنسي دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي فلائٽ ۾ موجود ايف بي آءِ ايجنٽ کيس سوگهو ڪري ورتو.
ان کانپوءِ، ان همراهه کي پوليس حوالي ڪيو ويو ۽ کائنس وڌيڪ جاچ پڇا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.