القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو نه اچڻ ڊيل جو نتيجو ؟ پي ٽي آءِ جو ردعمل اچي ويو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو نه اچڻ ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي.
اڊيالا جيل ٻاهران تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته هنن کي ڀت تي لکيل نظر اچي رهيو آهي ته سندن خلاف انصاف نه ٿي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ساڻن انصاف ٿئي ها ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف القادر ٽرسٽ جو فيصلو گهڻو اڳ اچي چڪو هجي ها.
بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ڪيسن جي ڪابه پرواهه ناهي، هو فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت آيا هئا، باني کي جيل کان عدالت آڻڻ جيل انتظاميا جو ڪم هو، اعليٰ عدليا مان اميد آهي، هو اعليٰ عدالت ۾ ويندا، جهڙي طرح ٻيا ڪيس ختم ٿيا هي به ختم ٿي ويندو.
تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته ڳالهين وارو عمل جاري آهي، ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ڳالهين جو ٽيون اجلاس 15 جنوري تي ٿيندو، ڊيل نه ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انصاف لاءِ ڳالهين جاري رهنديون.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو پاڻ ۾ ڪوبه تعلق ناهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڊيل ٿي رهي آهي، ڪابه ڊيل نه ٿي رهي آهي.
تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي جو حڪومت سان ڳالهين جو ڪوبه تعلق ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.