پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي اين آر او نه ملندو، سندس آزادي بابت فيصلو عدليا ڪندي.
هڪ بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي صوبي جون امن امان بابت حالتون بهتر ناهن، ڪرم ۽ پارا چنار جي صورتحال بابت جرڳو گهرايو ويو پر تحريڪ انصاف شرڪت نه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي جو وڏو وزير صوبي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري، اسلام آباد تي چڙهائي، ڌرڻي ۽ احتجاج سان حالتون ٺيڪ نه ٿينديون.
هن چيو ته ڳالهيون رڳو سنجيده ۽ سياسي بصيرت رکندڙن سان ئي ڪري سگهجن ٿيون، پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف باني کي اين آر او نه ملندو، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو عدليه ڪندي.
You might also like