دنيا جديديت تائين ڪيئن پھتي؟

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

جديديت جي معنيٰ آهي شھري زندگي، صنعتڪاري، خواندگيءَ جي وڏي سطح، تعليم، دولت، ڌنڌي ڪرڻ جا پيچيده ۽ مختلف طريقا، صحت عامه جون سھولتون، بجلي، مواصلات جا وسيع ذريعا، وسيع سائنسي ۽ انجنيئرنگ ڄاڻ. 18 صديءَ کان پھرئين صنعتي انقلاب سان ان جي شروعات برطانيا کان ٿي.

جديديت پئدا ڪرڻ ۾ توانائيءَ جو ڪردار:

وچئين دور جي 300 بالغ باشندن واري هڪ مثالي يورپي ڳوٺ کي انساني محنت مان رڳو 15 هارس پاور، 60 جانورن مان 30 هارس پاور ۽ پاڻيءَ جي ڦيٿي (جنھن اناج کي اٽي ۾ تبديل ڪيو ٿي) مان 3 هارس پاور توانائي ملي ٿي (ٽوگورن دِي گلوب: الفريڊ ڊبليو. مڪ ڪوائي)

پاڻيءَ جون چڪيون (Water Mills) قديم روم کان وٺي، توانائيءَ جو هڪ اهم ذريعو رهيون هيون، ڪي تاريخدان، 10 صديءَ ڌاران يورپ مان غلامن جي غائب ٿي وڃڻ کي پاڻيءَ جي طاقت جي ڦھلجي وڃڻ سان ڳنڍن ٿا.

  • ابيرين عالمي نظام کي هلائيندڙ توانائي، گوشت جي طاقت (پوءِ اهو انسانن جو هجي يا جانورن جو) مان پئدا ٿئي پئي ۽ بعد ۾ هوا تي حاڪميت ڪرڻ سان هوا تي هلندڙ چڪين (Wind Mills) ۽ سڙهن وارن ٻيڙن کان ڪم ورتو ويو. ڊچ ماڻهن هوائي چڪين ۽ ٻيڙن جي تعمير ۾ وڏي مھارت حاصل ڪئي. غلامن کان به سخت ڪم ورتو وڃڻ لڳو.
  • برطانوي سلطنت: مشينن کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو توڻي جو برطانيه ساڳئي وقت ڪوئلي ۽ ٻاڦ تي هلندڙ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي پار غلامن جي واپار کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو. ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙن، دنيا جي مختلف کنڊن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو.
  • جيئن وري آمريڪا، برطانيه کان گوءِ کڻڻ لڳو، ان جي صنعتن پئٽرول تي هلندڙ اندر ٻرندڙ انجڻين ۾ وڏو سڌارو آندو. جنھن سان موٽر گاڏيون، جھاز ۽ راڪيٽ هلڻ لڳا.
  • ايڪويھين صديءَ ۾ توانائيءَ جا ذريعا بدلجي رهيا آهن. هاڻي ٻيھر استعمال ٿي سگهندڙ توانائي جي وسيلن (Renewable Energy) تي زور ڏنو وڃي ٿو. جيئن سولر انرجي، ونڊ انرجي، ايٽمي توانائي وغيره،

هيٺين سماجي تبديلين ۽ اٿلن پٿلن انسانذات کي جديد دور تائين پھچايو آهي.

(الف) تحريڪون.

(ب) ٽي رڪاوٽون عبور ڪرڻ.

(الف) تحريڪون:

1) تجارتي انقلاب (1500ع – 1100ع):

تجارتي انقلاب، خالص زراعت تي بيٺل معيشت کان اهڙي نظام ڏانھن پيش قدمي هئي جيڪو مختلف شين جي واپار تي بيٺل هو. هيءَ تبديلي 12 صديءَ ۾ شروع ٿي ۽ 1500ع تائين اها اٽليءَ جي شھري رياستن ۾ مرڪوز  ٿيل هئي.

2) نشاط ثانيه / نئين جاڳرتا (The Renaissance) 1600-1300ع اتالوي شھري رياستن ۾ قديم يونانين ۽ رومين جي طرز تي ٺھيل سوچڻ جو هڪ نئون انداز شروع ٿيو ۽ 1600ع تائين سڄي يورپ ۾ ڦھلجي ويو. هن سوچ جي حامل مفڪرن الاهي مداخلت بدران منطقي استدلال کي استعمال ڪرڻ کي دنيا جي تشريح ڪرڻ جو طريقو قرار ڏنو. فنونِ لطيفه ۽ تعمير سازيءَ جي فروغ سان گڏ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تجارت ۾ واڌارا ٿيا. 15 صديءَ جي وچ ڌاران پرنٽنگ پريس جي ايجاد ٿيڻ ڪري ڄاڻ ۽ خيال تيزيءَ سان ڦھليا. فرانسس بيڪن سائنسي طريقي جي تشريح ڪئي. انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر، فرانس ۾ ڊيڪارٽ ۽ نيدرلينڊ ۾ اريسمس جي خيالن جا وسيع اثر پيا. بحري ٻيڙن ٺاهڻ جي فن به ترقي ڪئي.

3) کوجنا جو زمانو (Exploration) ۽ بيٺڪيت جو نظام (Colonialism) 1700-1400ع.

کوجنا جو دور 1400ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن يورپي ماڻهن دولت جي ڳولا ۾ سموري دنيا ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪيو.

بادشاهه ۽ امير خاندان، انھن مھمن جي سرپرستي ڪرڻ لڳا، پورچوگال ۽ اسپين انھن مھمن ۾ اڳڀرا هئا. آمريڪا کي ڪولمبس ڳولي لڌو. کوجنا جو هي دور آخر ۾ نيٺ يورپ کي ايشيا، سان واپار ڪرڻ ۽ ان جو استحصال ڪرڻ ڏانھن وٺي ويو. آخر ۾ يورپي طاقتن چين، هندستان ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن تي قبضو ڪري کين پنھنجيون ڪالونيون بڻائي ڇڏيو.

4) مذهبي اصلاح پسنديءَ جي تحريڪ (Reformation)

1500ع ۾ يورپ ۾ شروعات ڪندي پروٽيسٽنٽ مذهبي تحريڪن، رومن ڪئٿولڪ چرچ خلاف هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جنھن جنگين جو هڪ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. بادشاهن، نوابن ۽ چرچ تي بيٺل ان نظام کي چئلينج ڪيو ويو. هن تحريڪ رومن ڪئٿولڪ چرچ جي طاقت ۽ بدعنوانين کي نشانو بڻايو ۽ هڪ آزاد مذهب جي گهر ڪئي، جنھن ۾ ماڻهن چرچ جي قانونن جي وچ ۾ اچڻ بدران خدا سان سنئون سڌو رابطو قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. هن تحريڪ جي اڳواڻي مارٽن لوٿر ڪنگ ڪئي، جنھن 95 نقطن تي مشتمل مضمون ڇاپيو. فرانس ۽ برطانيه ۾ مذهبي لڙايون شروع ٿي ويون. هن تحريڪ پروٽيسٽنٽ عيسائين کي چڱا خاصا حق ۽ آزاديون وٺي ڏنيون. ان هولي رومن سلطنت جي طاقت کي پڻ ڇيھو رسايو.

5) سرمائيداري نظام جي شروعات 1600ع.

ڊچ سلطنت پھريون دفعو قرض ۽ موڙيءَ جا مارڪيٽ قائم ڪيا. ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهي، تجارت ڪئي. 1602 ۾ پھرين اسٽاڪ ايڪسچينج قائم ڪئي. ايمسٽرڊم، دنيا جو مالياتي مرڪز بڻجي ويو. ڊچ ماڻهن ٻيڙن ٺاهڻ جي فن ۾ وڏي ترقي ڪئي. عالمي واپار جو 1/3 حصو، ڊچ ماڻهن جي قبضي ۾ هو. دنيا ۾ ايجادون ڪندڙ ملڪن مان 25 سيڪڙو (چوٿون حصو) ڊچ ماڻهن جو هو. (هلندڙ)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.