مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي: نه ٻهراڙين نه شهرن جي تسلي بخش صورت حال !

رپورٽن موجب سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سڄي سنڌ جي مڪاني ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميشن ۽ يوسيز جي ڪاڪردگيءَ کي سواليه نشان قرار ڏيندي بلديات کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ کان سڄي سنڌ جي ميونسپل ڪارپوريشن، ضلع ڪائونسلن، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين ۽ يوسيز کي  هر مهيني جاري ٿيل فنڊن جي خرچن جو حسا ب گهريو ويو آهي يعني تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي طرفان لوڪل ڪائونسلن ۾ ساليانو 80 لک رپين کان وڌيڪ پيٽرول جي مد ۾ خرچن جي معاملي جي پڻ رپورٽ  پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو اهو اجلاس چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو. ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته اربين رپيا لوڪل ڪائونسلن تي خرچ ٿيڻ باوجود ٻهراڙين وارن علائقن ته ڇا، شهر جي حالت به تسلي بخش ناهي. ان اجلاس ۾ ميونسپل ڪميٽي پنوعاقل جي سي ايم او، پي اي سي کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمين صرف هر مهيني 600 ليٽر پيٽرول استعمال ڪري ٿو، باقي ميونسپل ڪميٽيءَ  جي 17 گاڏين کي پڻ پيٽرول ڏنو ويندو آهي. هوڏانهن اهو به ٻڌايو ويو ته صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي پيٽرول جي مد ۾ پڻ هر مهيني 300 کان 400 ليٽر آهي ته پوءِ  هڪ ميونسپل ڪميٽيءَ جو چيئرمين هر مهيني 600 لٽر پيٽرول ڪيئن ٿو استعمال ڪري. ان کان علاوه بنا منظوريءَ جي ملازم ڀرتيون ڪرڻ جو پڻ نوٽيس ورتو ويو.

اها مٿين رپورٽ پڙهي خوشي ٿي ته ڪنهن سرڪاري اداري جي ائين مانيٽرنگ ٿي آهي جيڪا ماضيءَ ۾ معمول جو حصو هوندي هئي پر هاڻي اهو انپيسڪشن توڙي ڪارڪردگي جي جائزي يا پنهنجي احتساب جو رواج گهٽجندو پيو وڃي. گڏجاڻيون برابر ٿينديون آهن، وفاقي ڪابينا هجي يا صوبائي ڪابينا پر انهن گڏجاڻين يا اجلاس جو ڪو سڌو سنئون يا تيزي سان اثر ٿيندي ناهي نظر ايندو.  بهرحال اها خوشي ٿي ته سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جنهن جو ڪم ئي ظاهر آهي ته بجيٽ ۽ انهن جي خرچن متعلق هو ۽ ان ڪري ان تي فوڪس ڪيو ويو پر اهو به ضروري هو ڇو ته عام طور تي ملڪ جي جملي ادارن ۾ جيڪا ڪرپشن آهي جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ حڪومت بدنام آهي ته ان کي بلڪل به بجيٽن، فنڊن ۽ انهن جي خرچن بابت اصولي طور تي ائين ئي مانيٽرنگ جو نظام ٺاهڻو پوندو تڏهن ئي حڪومتون ۽ ادارا درست رخ ۾ ڪم ڪندا تڏهن ئي  کين هر وقت اهو احساس رهندو ته اسان کي ڪو ڏسڻ وارو آهي پوءِ ان پڇاڻي جي ڊپ ۾ اهي درست نموني فنڊن کي خرچ ڪندا.

اسان وٽ اونئن ئي عام طور تي اها شڪايت هوندي آهي ته بجيٽ گهٽ آهي،  پيسا ناهن. يوسيز جي چيئرمين کان پڇندئو ته چوندا ته يوسيز جي جيڪا بجيٽ هوندي آهي تنهن مان اداري جي ملازمن جون پگهارون به پوريون ناهن پونديون. ممڪن آهي ته ائين ئي هجي پر جيڪڏهن ايئن واقعي به آهي ته پوءِ ته اڃان به احساس ذميواري سان فنڊن ۽ بجيٽ کي استعمال ڪرڻ گهرجي ، ان معمولي فنڊ ۾ به جيڪڏهن ڪرپشن جي گنجائش رکبي ۽ پيسن مان ذاتي عياشيون ڪبيون يا انهن جو غلط استعمال ڪبو ته ظاهر آهي ته نقصان ئي ٿيندو ۽ ان جو ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي اثر پوندو جيئن سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کهڙي نتيجو ڪڍيو آهي ته مڪاني ادارن جي نظام لاءِ اربين رپيا خرچ ڪريون ٿا پر پوءِ به ڪارڪردگي نظر نه ٿي اچي نه ٻهراڙين جي صورتحال بهتر آهي نه ئي شهرن جي.!

اها سئو سيڪڙو حقيقت آهي ته مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي تباهه ڪن آهي. ڳوٺ هجن يا شهر اوهان کي مسئلا ئي مسئلا نظر ايندا، ڀڳل ٽٽل روڊ، اڻ ڍڪيل ناليون، سيوريج جو ناقص نظام،  گٽر کليل، گٽرن جو وهندڙ ۽ تلاءُ بڻيل گندو پاڻي، روڊن رستن تي هر وقت اڏامندڙ ڌوڙ اوهان جو استقبال ڪندا. مطلب ته عوام جيڪو حڪومت کي سڌو يا اڻ سڌي نموني ٽيڪس ڏئي ٿو تنهن مان عوام کي ڪا سهولت نه پر مسئلا ئي ڏکيائون ئي ڏکيائون پلئه پونديون. تازيون ٽرانسپورٽ جي وزير شرجيل انعام کي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان هڪ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بسون ته اوهان چين يا برطانيا ۽ يورپي ملڪن مان ڀلي آڻيو پر پوءِ روڊ به ته يورپي ملڪن جهڙا ٺاهيو نه.

سو ماڻهن کي اوهان جي گڏجاڻين ۽ اجلاسن سان ڪو مطلب ناهي اهي انهن گڏجاڻين ۽ اجلاسن جو نتيجو ڏسڻ گهرن ٿا، مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.پر اهي شهر ۽ ٻهراڙيون ڏسبيون ته اهو احساس بلڪل به نه ٿيندو ته انهن شهرن ۽ ڳوٺن جي بهتري لاءِ حڪومتون ۽ ادارا ڪو  اٺ نوَ ڪلاڪ گڏجاڻيون ۽ اجلاس ڪندا هوندا. انهن اجلاسن ۽ گڏجاڻين يا تقريرن جو اثر  ميدان تي نظر اچي. هي شهر ۽ ڳوٺ انهن جي حالت ڏسي اندازو ٿيندو آهي ته حڪومت جو معيار ڇا آهي. شهرن ۽ ٻهراڙين جا روڊ رستا ۽ ڏيک اصل ۾ حڪومت ۽ حڪمرانن جو ڪنهن به سٺي حڪومت جي ڪارڪردگي شهرن ۽ ٻهراڙين جي شڪل، ترتيب ۽ انتظام مان نظر ايندي آهي. شل اها ڳالهه اسان جي حڪومتن، حڪمرانن ۽ ادارن کي سمجهه ۾ اچي.

سو گڊ گورننس ئي اصل ۾ ڪارڪردگي هوندي آهي پر اسان وٽ بيڊ گورننس  حاوي آهي جنهن جو اعتراف پاڻ پ پ جي سينيئر اڳواڻ نثار کهڙي به ڪيو آهي ۽ اهو به سندس ئي جملو آهي ته اربين رپيا لوڪل ڪائونسلن تي خرچ ٿيڻ باوجود ٻهراڙين وارن علائقن ته ڇا شهرن جي به حالت تسلي بخش ناهي، ان جملي ۾ اسان هڪ سٽ جو اضافو ڪنداسين ته ان جي ذميوار اوهان جي پنهنجي حڪومت،  اوهان جا وزير ۽ اوهان جا ادارا آهن جن کي بهتر وري به اوهان کي ئي ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.