ڌناشري کي طلاق، چاهل خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڀارتي ڪرڪيٽر يوزويندر چاهل پنهنجي زال ۽ ڊانسر ڌناشري ورما سان عليحدگي جي افواهن تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.
چاهل۽ ڌناشري جي وچ ۾ طلاق جي خبرن ان وقت زور پڪڙيو جڏهن جوڙي طرفان هڪٻئي کي انسٽاگرام تي ان فالو ڪيو ويو ۽ ڪرڪيٽر ڌناشري جون تصويرون پڻ ڊيليٽ ڪري ڇڏيون.
ڌناشري ورما پڻ انسٽاگرام تي چاهل کي ان فالو ڪيو، پر مڙس جون تصويرون ناهن هٽايون.
ان کانپوءِ ٻنهي جي طلاق جون خبرون گردش ڪري رهيون هيون ۽ چاهل طرفان انسٽاگرام تي مختلف اسٽوريز پڻ شيئر ڪيون، پر جوڙي جي طرفان ڪو واضح بيان جاري نه ڪيو ويو.
سموري صورتحال کانپوءِ پهريان ڌناشري ورما پنهنجي خاموشي ٽوڙي ۽ هاڻي يوزيندر چاهل پڻ طلاق جي خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
چاهل انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ۽ هڪ ڊگهو پيغام لکيو جنهن ۾ هن پنهنجي مداحن جي حمايت جاري رکڻ لاءِ شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي ڪيريئر ۽ قدرن سان ڪميٽمينٽ تي زور ڏنو.
هن خاندان جي اهميت بابت لکيو ۽ مداحن کان درخواست ڪئي ته اهي بي بنياد افواهن ڌيان نه ڏين.
چاهل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ”مان پنهنجي سڀني مداحن جو ٿورائتو آهيان جن جي محبت ۽ حمايت کانسواءِ مان ان منزل تائين نه پهچي سگهان ها، پر هي سفر اڃا ختم ناهي ٿيو.“
هن چيو ته ”جتي مون کي هڪ رانديگر هئڻ تي فخر آهي، اتي مان هڪ پٽ، ڀاءُ ۽ دوست به آهيان، مان تازن واقعن، خاص طور تي پنهنجي ذاتي زندگي بابت جيڪو تجسس پيدا ٿيو آهي، ان کي سمجهان ٿو، پر مون سوشل ميڊيا تي ڪجهه پوسٽون ڏٺيون آهن جيڪي صحيح ٿي سگهن ٿيون يا غلط ٿي سگهن ٿيون.“
چاهل چيو ته ”هڪ پٽ، ڀاءُ ۽ دوست جي حيثيت سان مان سڀني کان درخواست ٿو ڪريان ته اهڙن افواهن ملوث نه ٿيو، ڇو ته انهن مون کي ۽ منهنجي ڪٽنب کي تمام گهڻي تڪليف ڏني آهي.“
ان کان اڳ پنهنجي انسٽا اسٽوري نوٽ ۾ ڌناشري لکيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن هن لاءِ ۽ سندس ڪٽنب لاءِ انتهائي مشڪل رهيا، سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ اِهي پوسٽون آهن جيڪي حقيقتن جي ابتڙ آهن، ٽرولنگ ذريعي هن جي توهين ڪئي وئي.
هن چيو ته پنهنجو نالو ۽ ساک ٺاهڻ لاءِ ڪيئي ورهيه محنت ڪئي، منهنجي چپ ڪمزوري جي علامت نه پر طاقت جي نشاني آهي، سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي ناڪاري شيون سولائيءَ سان وائرل ٿينديون آهن.
ڌناشري پنهنجي نوٽ جي آخر ۾ لکيو ته ” سچ کي ڪنهن به وضاحت جي ضرورت ناهي هوندي.“
ياد رهي ته ڌناشري جنهن هڪ ڊينٽسٽ کان ڊانسر ۽ ڪوريوگرافر جو سفر طئي ڪيو مشهور ريئلٽي شو ” جهلڪ دکلاجا “ ۾ حصو ورتو هو، هن ڪرڪيٽر يوزويندر چاهل سان آگسٽ 2020ع ۾ مڱڻو ۽ ڊسمبر 2020 ۾ شادي ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.