ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز جي فيبروري ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت تي غيريقيني جا ڪڪر ڇائنجي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، پيٽ ڪمنز ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز دوران انجريءَ جو شڪار ٿيو.
خميس جي ڏينهن تصديق ڪئي وئي ته پيٽ ڪمنز ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي کُڙي جو اسڪين ڪرائيندو ته جيئن اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ته ڇا هو پاڪستان ۽ يو اي اي ۾ ايندڙ مهيني شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت ڪري سگهندو يا نه.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف سليڪٽر جارج بيلي جو چوڻ آهي ته اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ڏسڻو پوندو ته اسڪين جا نتيجا ڪهڙا آهن ۽ اهو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو.
ڪمنز ڀارت خلاف پنج ٽيسٽ ميچن تي مشتمل بارڊر گواسڪر ٽرافي ۾ مجموعي طور 167 اوورز ڪيا، جيڪي ڪنهن به آسٽريليا بالر طرفان سڀ کان وڌيڪ هئا، هن سيريز ۾ 25 وڪيٽون ورتيون هيون.
واضح رهي ته پيٽ ڪمنز ذاتي مصروفيتن سبب سري لنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز تان هٿ کڻي ورتو آهي، سندس جاءِ تي اسٽيو سمٿ کي قيادت جي ذميواري سونپي وئي آهي.
Next Post
You might also like