ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اداڪار عاصم محمود جي دعويٰ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو.
عاصم محمود تازو هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته جڏهن هو ڪاليج ۾ هو ته کيس لنڊي تان ورتل جيڪٽ مان 100 پائونڊ جو نوٽ مليو هو.
هن ٻڌايو ته ڪاليج ۾ رڳو نيري رنگ جي جرسي پائڻ جي اجازت هئي، پر اوچتو ٿڌ وڌڻ شروع ٿي ته ڪاليج ۾ نيري رنگ جي جيڪٽ، ڪوٽ يا سوئيٽر پائڻ جي اجازت ڏني وئي.
اداڪار وڌيڪ ٻڌايو ته” مان سوچي ڇڏيو ته اڄ هو گهر وارن کي چوندو ته مون کي نيري رنگ جو ڪو سوئيٽر يا جيڪٽ وٺي ڏيو، پر ڪاليج کان گهر ويندي رستي ۾ هڪ لنڊا بازار ايندي هئي اتي مون کي هڪ جيڪٽ وڻي وئي ۽ مون اها خريد ڪري ورتي.“
عاصم محمود چيو ” جڏهن مان گهر پهتس ته مون اِها جيڪٽ مشين ۾ ڌوئڻ لاءِ وجهي ڇڏي، جڏهن مان جيڪٽ ڌوئڻ ۽ سُڪائڻ کانپوءِ استري ڪري رهيو هوس ته ان جي اندر هڪ ڳجهو کيسو هو.“
عاصم محمود موجب، هن ان نيت سان کيسو کوليو ته ان مان ڊالر نڪرندا، پر جڏهن هن کيسو کوليو ته ان مان 100 پائونڊ جو نوٽ نڪتو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن جي تنقيد
سوشل ميڊيا واهپيدارن موجب، عاصم محمود اها ڳالهه رڳو ٽي آر پي وڌائڻ ۽ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪئي، ڇو ته لنڊن جي ڪرنسي يعني پائونڊز ۾ 100 جو نوٽ ئي ناهي هوندو.
Prev Post
You might also like