لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيلفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي ٻيلن ۾ لڳل خوفناڪ باهه تي ظابطو آڻڻ لاءِ فائر فائٽرن کي ڪيلفورنيا جي جيل نظام کان به مدد ملي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي ظابطو آڻڻ لاءِ اٽڪل 14 هزار فائر فائٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ تقريبن 400 قيدي به شامل آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، في الحال رياست ڪيلفورنيا جي فائر فائٽنگ فورس جو اٽڪل 30 سيڪڙو حصو قيدين تي ٻڌل آهي.
ڪيلفورنيا ۾ باهه وسائڻ لاءِ قيدين جو استعمال پهريون ڀيرو ناهي ڪيو، رياست ۾ 1915 کان ئي باهه وسائڻ لاءِ قيدين جي مدد حاصل ڪئي ويندي آهي.
هڪ آمريڪي رسالي موجب، قيدين کي فائر فائٽنگ جي طريقن جي مناسب تربيت ڏيڻ لاءِ 1946 ۾ هڪ فائر ڪيمپ پروگرام شروع ڪيو ويو هو.
قيدين کان فائر فائٽر طور ڪم وٺڻ وارو پروگرام ايترو ئي رضاڪاراڻو آهي جيترو ڪنهن جيلر ۽ قيدي جي وچ ۾ ڪو معاهدي ۾ ٿي سگهي ٿو.
ڪنهن قيدي کي فائر فائٽنگ ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور ناهي ڪيو ويندو، ۽ جيڪو قيدي ان ۾ شامل ٿيندو آهي، اهو پنهنجي مرضي سان ائين ڪندو آهي.
هن پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ قيدين کي ڪجهه شرط پورا ڪرڻا پوندا آهن، جن ۾ جسماني صلاحيت ۽ جيل ۾ سندن رويو درست هجڻ شامل آهي، ڪجهه ڏوهن جهڙوڪ جهڙوڪ جنسي ڏوهه يا باهه جي واقعن ۾ ملوث قيدي هن پروگرام لاءِ نااهل هوندا آهن.
قيدين کي فائر فائٽنگ لاءِ معاوضو پڻ ڏنو ويندو آهي پر اهو تمام معمولي هوندو آهي، فائر فائٽر قيدي 24 ڪلاڪن جي شفٽ ۾ رڳو 27 ڊالر ڪمائين ٿا، جڏهن ته ان دوران کين کاڌو به مهيا ڪيو ويندو آهي جيڪو سينڊوچ ۽ ميون تي ٻڌل هوندو آهي.
اهڙا قيدي ٻين فائر فائٽرن سان گڏ ڪم ڪن ٿا ۽ عام طور تي انهن کي برن آئوٽ آپريشنز ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ باهه جي رستي ۾ موجود وڻن ۽ باهه پکيڙيندڙ ٻين شين کي محدود پيماني تي ساڙي پهريان ئي ختم ڪيو ويندو آهي، جنهن ذريعي باهه کي پکڙڻ کان روڪيو ويندو آهي.
You might also like